Saturday , April 20 2024

سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن: نيب چئن ايس ايس پيزڪامران نواز۽ ابرار نيڪوڪارا، ثاقب سلطان خالد مصطفيٰ ڪورائي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Sindh police logo

سنڌ پوليس جي فنڊز ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ نيب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سال  2014/15 دوران لاڙڪاڻو، گهوٽڪي ۽ بدين ضلعن جي چئن اڳوڻن ايس ايس پيز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

نيب پاران سال 2014/15   دوران بدين ۾ مقرر ٿيل ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ ساڳئي عرصي دوران لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيل اتان جي تڏهوڪي ۽ هاڻو ڪي ميرپور خاص جي ايس ايس پي ڪامران نواز پنجوٽا کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

نيب جي جاري ڪيل نوٽيس ۾ ٻنهي ايس ايس پيز خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽  ڪامران نواز پنجوٽا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اُهي، 24 هين مارچ تي نيب آڏو پيش ٿين.

NAB Khalid Mustafa Korai1

سال 2014/15  دوران گهوٽڪي ضلعي ۾ مختلف وقتن تي مقرر ٿيل ايس ايس پيز ابرار احمد نيڪوڪارا ۽ ايس ايس پي ثاقب سلطان کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ نيب پاران نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن.

نيب پاران جاري ڪيل نوٽيسز ۾ ٻنهي ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، اهي 27 هين مارچ تي نيب جي لاڳاپيل جاچ آفيسر آڏو پيش ٿين.

NAB Khalid Mustafa Korai1

نيب پاران چئني ايس ايس پيز ابرار احمد نيڪوڪارا، ايس ايس پي ثاقب سلطان، خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽  ڪامران نواز پنجوٽا کي جاري ڪيل نوٽيسز ۾، مٿن ساڳئي نوعيت جا الزام لڳل آهن. نيب جي نوٽيسز ۾ لڳايل ڪرپشن جي الزامن ۾ چيو ويو آهي ته انهن سنڌ پوليس جا فنڊز، آءِ جي سنڌ جي اڪائونٽس مان پئسا سڌا ڊي ڊي او/ايس ايس پي جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ اچڻ بعد اُهي ڪيش/ روڪ رقم جي صورت ۾ ڪڍرايا، جن جو استعمال غلط ٿيو.

NAB Khalid Mustafa Korai2

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *