Friday , April 19 2024

سنڌ پوليس کان شهيد تانيا خاصخيلي جو مک قاتل نه لڌو، پوليس جوابدارن کي بچائڻ بهانا ڳولڻ ۾ پوري

Tania khaskheli 02

جهانگارا ابي امڙ جي اکين آڏو گولين جي بک بڻايل شهيد تانيا خاصخيلي جو مک قاتل ۽ بااثر جوابدار خان عرف خانو نوحاڻي کي سنڌ پوليس ڳولهي ناهي سگهي، بلوچستان مان گرفتار ڪيل بااثر شخص مولابخش نوحاڻي کي بااثر ماڻهن جي دٻاءُ سبب سندس گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان پوليس لنوائڻ لڳي.

جهانگارا ۾ شادي کان انڪار ڪرڻ تي جوابدار خانو نوحاڻي ۽ سندس ساٿين هٿان بيدردي سان قتل ٿيل شاگردياڻي شهيد تانيا خاصخيلي جي مک قاتل کي جهانگارا پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي. تانيا خاصخيلي جي ڪيس ۾ غير ذميواري ڪرڻ جي الزام هيٺ معطل ڪيل ايس ايڇ او کي لاڪ اپ ڪرڻ وارن حڪمن تي به اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.

شهيد تانيا خاصخيلي جي قتل جو مک ۽ بااثر جوابدار خان عرف خانو نوحاڻي سنڌ پوليس کي اڃا تائين هٿ ناهي اچي سگهيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن باوجود آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا، ڊي آءِ جي حيدرآباد خادم رند ۽ ايس ايس پي ڄامشورو عرفان بهادر بااثر جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب پوليس پاران بلوچستان مان گرفتار ڪيل تانيا قتل ڪيس جي مک جوابدار مولابخش نوحاڻي جي گرفتار باقائده رڪارڊ تي ظاهر ناهي ڪئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، سنڌ پوليس جي اختيارين هڪ بااثر شخص جي سفارش تي مولابخش نوحاڻي جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي.

سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب، جوابدار خانن عرف خانو نوحاڻي کي بچائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ جوابدار سهولتڪارن پاران سندس پرڏيهه فرار ٿيڻ جا افواهه ڦهلائي کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙيون خبرون ميڊيا تي به هلائڻجي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *