Friday , March 29 2024

سنڌ پوليس دهشتگردن جي نشاني تان نه لٿي، ڪراچي ۾ ڊي ايس پي ٽريفڪ گارڊ سميت شهيد

سنڌ پوليس دهشتگردن جي لڳاتار نشاني تي آهي، ٽريفڪ اهلڪار دهشتگردن جو آسان نشانو بڻجھي ويا آهن. ڪراچي ۾ دهشتگردن عزيز آباد واري علائقي ۾ ڪار ۾ سوار ٽريفڪ پوليس جي ڊي ايس پي ۽ سندس محافظ اهلڪار کي گولين جو بک بڻائي ڇڏيو. شهيد اهلڪارن جي جنازي نمازي ۾ وڏي وزير، گهرو وزير، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سميت پوليس آفيسرز شريڪ ٿيا.

ڪراچي جي عزيز آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪري ڊي ايس پي ٽريفڪ کي ڊرائيور سميت شهيد ڪري ڇڏيو، ڊي آءِ جي اولهه چيو آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن پوليس موبائل کي نشانو بڻايو.

عزيزآباد واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڊي ايس پي ٽريفڪ محمد حنيف ۽  گارڊ سلطان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ٻنهي اهلڪارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي بعد پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ڊي آءِ جي اولهه چيو آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن پوليس موبائل کي نشانو بڻايو. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار جوابدارن اهلڪارن تي 15 کان 20 فائر ڪيا، واقعي واري هنڌان گولين جا 18 خول مليا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

نيب جو قانون ختم ٿي ويو آهي، هاڻي نيب کي سنڌ ۾ ڪاررواين جو حق ناهي: مراد علي شاهه

وڏي مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب قانون جي خاتمي بعد هاڻي نيب کي سنڌ ۾ ڪارروايون ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي، اسان جو موقف چٽو آهي ته هاڻي اينٽي ڪرپشن صوبائي معاملو آهي جنهن لاءِ اڳ موجود قانون ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ترميم ڪنداسين.

ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ چرچ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، نيب قانون جي خاتمي لاءِ آئيني طريقي سان سنڌ اسيمبلي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو هاڻي سنڌ ۾ وجود ناهي رهيو.

هن چيو ته اسان جو موقف چٽو آهي ته نيب قانون ختم ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن نج صوبائي مامرو آهي، صوبائي کاتن ۾ ڪرپشن جي ڪيسز خلاف نيب ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي، ان لاءِ اينتي ڪرپشن کاتو ۽ قانون موجود آهي.

مراد علي ساهه ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، اينٽي ڪرپشن کاتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ اينٽي ڪرپشن قانون کي وڌيڪ اثرائتو ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار ن جي ٽارگيٽ ڪلنگز جي واقعن جو نوٽيس ورتو آهي، صوبي خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، عيسائي، هندو ۽ سک برادرين کي ڪڏهن به اقليت ناهي سمجهو، اُهي اسان جي اڪثريت آهن.

مراد علي شاهه سينٽ پيٽرڪ چرچ ۽ رامسوامي مندرن جو دورو ڪري هندن، سکن ۽ عيسائين جي مختلف تقريبن ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ جي جو معاملو عدالت ۾ آهي جيڪو فيصلو آهيو عمل ڪنداسين.

هن چيو ته عيسائي برادري هن ملڪ خاص طور تي سنڌ جو صدين کان حصو رهيا آهيو، اسان اوهان کي ڪڏهن به اقليت ناهي سمجهيو.

مراد علي شاهه شاهه چيو ته، سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري ۽ ترقي ۾ عيسائي ۽ هندو برادري جو اهم ڪردار رهيو آهي، ماضي ۾ ڪراچي شهر اندر قائم ڪيل تعليمي ادارا تعليم جي ترقي ۾ اڄ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن……

ڪراچي جي عزيز آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن پوليس موبائل تي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ٽريفڪ پوليس جي ڊي ايس پي محمد حنيف ۽  گارڊ سلطان جي جنازي نماز گارڊن هيڊڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي وزير، گهرو وزير، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ سميت پوليس آفيسرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

عزيز آباد ۾ دهشتگردن جي پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ٽريفڪ کي ڊرائيور سميت شهيد ڪري ڇڏيو، ڊي آءِ جي اولهه چيو آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن پوليس موبائل کي نشانو بڻايو.

عزيزآباد واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ٽريفڪ پوليس جي ڊي ايس پي محمد حنيف ۽ گارڊ سلطان جي جنازي نماز گارڊن پوليس هيڊ ڪوراٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه گهرو وزير سهيل انور سيال، ڊي جي رينجرز ۽ آجي جي سنڌ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ ٻنهي اهلڪارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي بعد پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

ڊي آءِ جي اولهه چيو آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن پوليس موبائل کي نشانو بڻايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار جوابدارن اهلڪارن تي 15 کان 20 فائر ڪيا، واقعي واري هنڌان گولين جا 18 خول مليا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *