Saturday , April 20 2024

سنڌ پوليس، ڪرپشن ۽ مالي بي ضابطگيون، نيب سرگرم، سمورن ضلعن جو رڪارڊ طلب

سنڌ پوليس، شهداءَ فنڊز ۾ ڪرپشن ۽ مالي بي ضابطگيون، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز سميت 96 آفيسرز ۽ عملدارن جو به رڪارڊ طلب

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ پوليس ۾ ڪرپٽ مافيا، پنهنجي شهيد ساٿين جي وارثن لاءِ امدادي فنڊز کي به ناهي بخشيو، سنڌ پوليس جي شهيداءَ فنڊز، جاچ، موٽرٽرانسپورٽ، سميت ٻين شعبن ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي نيب جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس جي 96 آفيسرز ۽ عملدارن جو به رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي جن ۾ ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس اسي پيز سميت هيٺئين سطح جا عملدار به شامل آهن. نيب پاران سنڌ پوليس جي شهيدن جي وارثن کي معاوضن، سهولتن، پوليس مقابلن دوران زخمي ٿيل اهلڪارن جي علاج ۽ ٻين مالي سهولتن سميت ٻين مدن ۾ جاري ٿيل فنڊز ۾ وڏي پئماني تي هيراڦيري وارن شڪايتن تي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيوم ويو آهي، نيب پاران جا واري فيصلي تحت نيب پاران آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي خط لکيو ويو آهي. نيب پاران سنڌ جي سمورن ضلعن جي پوليس جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پاران گهريل رڪارڊ ۽ معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ آءِ جي سنڌ ڪليم امام نيب اختيارين کان پندرنهن ڏينهن جو وقت گهريو آهي، پوليس شهيد اهلڪارن بابت جزوي رڪارڊ نيب حوالي ڪرڻ جي حامي ڀري وئي آهي پر مڪمل رڪارڊ ڏيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو. باقي رڪارڊ ٻن هفتن ۾ ڏيڻ جو چيو ويو.

نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته سال 2012ع کان سال 2016ع تائين پوليس کاتي جي شهيدن جي وارثن کي مالي معاوضي جي ادائگين ۾ بدعنوانيون ٿيڻ جون شڪايتون مليون جن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ نيب جي  لاڳاپيل اختيارين جي منظوري کانپوءِ 4 سالن ۾ معاوضي جي رقم جي ادائگي بابت جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي دوران رڪارڊ گھرائي ان جو جائزو ورتو ويندو. نيب پاران پوليس اختيارين ڏانهن اماڻيل نوٽيس ۾ شهادت بابت سرڪاري طور تي ڊڪليريشن، شهيد اهلڪارن جو ميڊيڪل رڪارڊ، شهيد اهلڪارن ۽ آفيسرن جي مائٽن سميت وارثن جا تفصيل، معاوضي جي رقم حاصل ڪندڙ شخص جو نالو ۽ سندس رابطي جي نمبرن بابت لکت ۾ آگاهي ڏني وڃي. نيب پاران پوليس کاتي جي ٽريفڪ، ايس آر پي، سي آءِ ڊي، اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي سميت سڀني ماتحت شعبن ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن بابت تفصيل گھريا ويا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *