Wednesday , April 17 2024

سنڌ يونيورسٽي جي استادن پاران شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ جي پڪ ٿي وئي…؟

حيدرآباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ ۽ جنسي لاڳاپا رکڻ لاءِ مجبور/ بليڪ ميل ڪرڻ واري معاملي جو سپريم ڪورٽ پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڄامشورو پوليس کي به معاملي جي جاچ جو يادگيرو اچي ويو آهي. ايس ايس پي ڄامشورو جاچ لاءِ اي ايس پي سهائي عزيز ٽالپر کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جي ذميواري حوالي ڪئي. سهائي عزيز ٽالپر سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي جنسي طور تنگ ڪرڻ واري معاملي جي ڄامشورو پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. شروعاتي جاچ ۾ يونيورسٽي اندر استادن هٿان شاگردياڻين کي جنسي طور تنگ ڪرڻ جي پڪ ٿي وئي آهي.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگردياڻين کي جنسي طور تنگ ڪرڻ واري شڪايت جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ اي ايس پي سهائي عزيز ٽالپر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پهتي ۽ معاملي جي فيڪٽ فائنڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب سهائي عزيز ٽالپر سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ پهتي جتي هن شڪايت ڪندڙ شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي ۽ کين جنسي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي بيان ورتا. ان کان پوءِ سهائي عزيز يونيورسٽي جي ٻين شاگردياڻين سان پڻ گڏجاڻي ڪئي ۽ يونيورسٽي ۾ استادن جي رويي ۽ کين تنگ ڪرڻ واري اشو تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ذريعن موجب شاگردياڻين پوليس آفيسر آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ چيو ته يونيورسٽي ۾ استادن پاران شاگردياڻين کي جنسي طور تنگ ڪرڻ عام آهي، استاد مارڪن لاءِ شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪن ٿا، دوستي رکڻ ۽ لاڳاپا رکڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. ٻئي طرف سهائي عزيز انگلش ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪري بيان ورتو. ان کان پوءِ هن سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد ميمڻ ۽ وائيس چانسلر فتح محمد برفت سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب سهائي عزيز چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن پاران شاگردياڻين کي جنسي طور تنگ ڪرڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي، جيڪو هاڻي سپريم ڪورٽ پهچي ويو آهي. اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. بعد ۾ سهائي عزيز ٽالپر ڄامشورو ٿاڻي تي پهتي ۽ پوليس کان سنڌ يونيورسٽي ۾ حراسمينٽ جي حوالي سان ايندڙ شڪايتن ۽ ان سلسلي ۾ ڪارروائي بابت معلومات ورتي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *