Thursday , April 25 2024

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا، غريب شاگردن لاءِ در بند!

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا، هاسٽلز جي فيس وڌائي ڇڏي، غريب شاگردن جا مٿي تي هٿ اچي ويا!

ڄامشورو (رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) مادري علمي سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا غريب ۽ هيٺئين وچولي طبقي جي شاگردن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جا در بند ڪرڻ شروع ڪري چڏيا آهن، انتظاميا هڪ ئي ڌڪ ۾ هاسٽل جي فيس ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ يون يورسٽي جي انتظاميا انتظاميه هاسٽل فيسز جو نئون شيڊول جاري ڪندي في شاگرد کي هاسٽل جي عام ڪمري لاءِ 36 سئو مان وڌائي سالياني فيس 4500 رپيا ڪري ڇڏي آهي، اٽيج باٿ روم واري ڪمري جي فيس 5100 رپيا ڪيو ويو آهي. هاسٽل رومز جي وڌايل فيس جي نئي شيڊول مطابق ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ هاسٽل جو ڪمرو 9300 ۽ پرڏيهي شاگردن کي ڪمرو 16500 رپين ۾ الاٽ ڪيو ويندو.هاسٽل فيس ۾ اوچتو 15 سيڪڙو واڌ سبب غريب شاگرد پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا. شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ شاگرد پڙهڻ اچن ٿا ۽ اهي هاسٽلن ۾ به رهن ٿا، هاسٽل فيس ۾ واڌ سان مالي بار وڌي ويندو ۽ سندن پڙهائي متاثر ٿي سگهي ٿي. نظرثاني ڪري واڌو فيس وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *