Saturday , April 20 2024

سنڌ واسي ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ وڏي خبر پر پلان بي به تيار…!!

ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌ واسي ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ نئين سال ۾ هڪ وڏي خوشي جي ڳالهه سامهون اچي وئي آهي. پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي اعلان ڪيو آهي ته، پي ايس ايل ٿرڊ ايڊيشن جو فائنل ڪراچي ۾ ڪرايو ويندو، جنهن لاءِ تياريون زورن تي پهتل آهن، سنڌ حڪومت به پي سي بي سان ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي. پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته پي ايس ايل ٿري جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيندو ۽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ پلان بي به تيار آهي. ڪراچي ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پي ايس ايل ٿري جي فائنل ڪراچي ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي.

هن چيو ته سندس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ڊي جي رينجرز ۽ سنڌ جي گهرو سيڪريٽري سان ملاقاتون ٿيون آهن. هن چيو ته پي ايس ايل ٿري جي فائنل کان پهريان اسٽيڊيم جو ڪم ايندڙ سال 15 فيبروري تائين مڪمل ٿي ويندو. نجم سيٺي چيو ته پي ايس ايل ٿري ڪراچي ۾منعقد ڪرڻ سنڌ حڪومت جي زميواري آهي ۽ هن پنهنجي سڪيورٽي ٽيم جو پلان سنڌ جي وڏي وزير کي ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي. نجم سيٺي چيو ته ڀارت کي جيڪڏهن پاڪستان سان سيريز نه کيڏڻي هئي ته هن پاڪستان سان معاهدو ڇو ڪيو؟. پي سي بي چيئرمين چيو ته ڀارت سان سيريز کيڏڻ اسان جو حق آهي ۽ اسان ان حق تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻنداسين. پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته پي ايس ايل ٿري جي فائنل ڪراچي ۾ منعقد ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي، جنهن تي هو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. پي سي بي چيئرمين چيو ته ڪراچي ۾ فائنل کي يقيني بڻائڻ لاءِ غيرملڪي سيڪيورٽي وفد ڪراچي ايندو. نجم سيٺي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ايس ايل ٿري جي فائنل ڪراچي ۾ نه ٿي سگهي ته بي پلان تحت فائنل لاهور ۾ منعقد ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته ٻه سيمي فائنل لاهور ۾ رٿيل آهن ۽ ضرورت پئي ته فائنل به لاهور ۾ منعقد ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *