Friday , April 19 2024

سنڌ واسيو! پ پ وارا ووٽ وٺڻ اچن ته انهن کان گهٽ ۾ گهٽ پڇاڻو ضرور ڪجو:نوازشريف

PM HYD1

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پ پ وارن سنڌ لاءِ ڇا ڪيو آهي، اهي ووٽ گهرڻ اچن ته انهن کان توهان پڇو ته ڇا جو ووٽ گهرو ٿا، پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي، 2013ع تائين خراب حال هو، بيچيني ۽ ٻڏتر واري صورتحال هئي، ڪٿي به سڪون نه پئي مليو ۽ اسان سندرو ٻڌي ارادو ڪيو ته مسئلا ختم ڪرڻا آهن.

وزير اعظم نوازشريف حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، ڪراچي ۾ ماڻهو ڊڄندا هئا، خوف ۾ ورتل هئا پر هاڻي هو خوفزده ناهن ڇو ته الله جي فضل سان هتي امن آهي، ڪاروبار ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ هنڌ هنڌ تي گند ڪچري جا ڍير ضرور لڳل آهن پر پراڻي ۽ اڄوڪي ڪراچي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، قائد جو شهر ٻيهر پرسڪون ٿي رهيو آهي، ڪراچي ترقي ڪندو ته سڄو ملڪ ترقي ڪندو.

وزيراعظم حيدرآباد لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي ترقياتي پئڪيج، حيدرآباد ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ لاءِ 100 ڪروڙ رپيا ڏيڻ، شهر ۾ ميٽرو بس سروس شروع ڪرڻ ۽ حيدرآباد ايئرپورٽ کي بين الاقوامي معيار وارو ايئرپورٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته حيدرآباد جي غريب ماڻهن کي به ٺٽي وانگر هيلٿ ڪارڊ ڏنو ويندو ۽ ان لاءِ جلد سروي ڪئي ويندي، هن چيو ته مون پاسڪو کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ مان هن سال 90 هزار ٽن بدران هڪ لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي، هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن ملڪ کي اونداهه ۾ ڌڪيو، انهن کان پڇيو وڃي ته پاڪستان جو انهن اهڙو حال ڇو ڪيو، پهرين موٽر وي ڇو نه ٺاهيا ويا، لوڊشيڊنگ وڌائي اونداهه ڇو ڪئي وئي، ماڻهن کي صاف پاڻي ڇو نه ڏنو ويو، ڇو روڊ رستا ٽٽل آهن، سنڌ جا روڊ ڇو اکڙيل آهن.

PM HYD

توهان بلوچستان ڏسو هتي ڪيتري تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، هن چيو ته (ن) ليگ حڪومت ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، جيڪي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه سالن اندر پاڪستان جو شمار دنيا جي بهترين ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ٿيندو، اهي ڏينهن پري ناهن جڏهن ملڪ مان غربت، جهالت، بيروزگاري ۽ لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪري دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، هن چيو ته سنڌ جي ڳوٺن کي بجلي کپي آئون ڏيندس، گئس به ڏينداسين، هن چيو ته حيدرآباد به ڪراچي جو پاڙيسري آهي، اسان دهشتگردي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، آخري ساهه تائين دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين، هن چيو ته بلوچستان ۾ به ترقي ٿي رهي آهي، سي پيڪ جو فائدو سڄي ملڪ کي پهچي رهيو آهي.

نوازشريف جو چوڻ هو ته جيڪي موٽر وي ٺهي رهيا آهن، اهي پهرين ڇو نه ٺهيا، مشرف جي حڪومت هئي، پ پ جي دور ۾ موٽر وي ڇو نه ٺاهيا ويا، يونيورسٽيون ڇو نه ٺهيون، هيلٿ ڪارڊ ڇو نه ٺهيا، هن چيو ته ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي جڏهن ڪراچي ۾ گند ڪچري جا ڍير ۽ مٽي ئي مٽي ڏسان ٿو، هڪ زماني ۾ 4 مهينا ڪراچي ۾ رهي ڪورس ڪيو، ان وقت جي ڪراچي ۽ هاڻي واري ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، تڏهن امن ۽ صفائي هئي، ڪو غير ملڪي ڪاروباري ڪراچي اچڻ لاءِ تيار نه هو پر هاڻي ڪراچي پر سڪون شهر طرف وڌي رهيو آهي، ڪراچي پاڪستان جو بهترين شهر ٿيندو ڇو ته ڪراچي پاڪستان جو ساهه جي رڳ واري حيثيت رکي ٿي، هن چيو ته جاءِ گهٽ هئڻ ڪري ڪافي ماڻهن کي واپس وڃڻو پيو آهي، جنهن تي ڏک آهي، ٻيهر حيدرآباد ايندس ۽ کوڙ ڪچهري ڪندس.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *