Friday , March 29 2024

سنڌ واسيو! سڀني جا قرض لهي ويا هاڻي سنڌ ۽ پاڻ لاءِ تبديلي آڻيو: علي قاضي

تبديلي پسند پارٽي جو سرواڻ علي قاضي (فائيل فوٽو)

حيدرآباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته هاڻي سڀ نعرا مدي خارج ٿي ويا آهن، سڀني سياسي شخصيتن جا قرض به لاهي چڪا آهيون ۽ هاڻي سنڌ امڙ جو وارو آهي، ان جو قرض لاهڻ لاءِ اسان کي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو. ٽنڊي ڄام ويجهو ڳوٺ ڪريمداد خاصخيلي، ڳوٺ طاهر انڙ، ڳوٺ نياز محمد کوسي، واڻڪي وسي ۽ ڳوٺ سائينداد مري ۾ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته جن علائقن مان گيس نڪري ٿي، انهن ئي علائقن ۾ بجلي، گيس، رستا، صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون موجود ناهن ته آخر انهن ماڻهن کان ڪير پڇاڻو ڪندو ته کين سندن ووٽ جي موٽ ۾ ڇا مليو. هن چيو جنهن تڪ مان اسان ڀوتارن کان خوفزده ٿي ڪو نمائندو چونڊيون ٿا ان جي ڪرتوتن جو صرف اهو تڪ نه پر پوري سنڌ ڀوڳي ٿي. ووٽ جو صحيح استعمال نه  هجڻ ڪري اسان جا نسل ڀوڳي رهيا آهن ۽ خبر ناهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ سنڌ جو ڪهڙو حشر ٿيندو. تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ وڌيڪ چيو ته  تعلقو حيدرآباد ٻهراڙي تيل پيدا ڪندڙ علائقو آهي، ۽ اهو ٻڌي انتهائي حيرت ٿي آهي ته تيل حاصل ڪرڻ لاءِ ڌماڪا ڪرڻ سان نه صرف جر جو پاڻي گدلو ٿي ويو آهي، پر علائقي ۾ ڪاري ڪامڻ جهڙو موذي مرض خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي.

هتان جي مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه پيون ڏنيون وڃن. هن چيو ته اهو ڪم وقت جي حڪمرانن ۽ تڪ جي چونڊيل عيوضين جو آهي ته اهي ماڻهن جي زندگين ۽ بنيادي سهولتن لاءِ آواز اٿارين. هن چيو ته 6-مهينن بعد چونڊون ٿي رهيون آهن سنڌ جي ماڻهن کي نعرن جي سحر مان نڪرڻو پوندو، ۽ وڏيرن وٽ يرغمالي بڻجي رهڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي نسلن کي غلامي مان ٻاهر ڪڍجي ۽ سنڌ سان وفا جو وچن نڀائجي. علي قاضي چيو ته سنڌ جي خوشحالي ۽ جديد سنڌ جي تعمير هاڻي اڻٽر آهي ۽ تبديلي پسند پارٽي 420 ڀوتارن خلاف عوامي عدالت جو ڪردار ادا ڪندي ۽ سنڌ جو عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن کي رد ڪري ثابت ڪندو ته سنڌ هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي وڌيڪ محتاج نه ٿو بڻائي سگهجي ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جو ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪندو.تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ چيو ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ بک بدحالي، بي روزگاري، بيماريون ۽ بدامني هاڻي مقدر نه هوندي ۽ سنڌ جو نوجوان چونڊن واري ڏينهن سنڌ جو سفير بڻجي پنهنجي قوم ۽ وطن لاءِ ووٽ کي پنهنجو هٿيار بڻائيندو.علي قاضي سان  ناميارو دانشور انعام شيخ، مسعود وساڻ،.علي شير مهر، اصغر علي خاصخيلي، فقير محمدڍول ۽ ٻيا گڏ هئا، جڏهن ته ميڙاڪن کي محمد اقبال، اعظم خاصخيلي، محمد خان انڙ، احمد علي کوسو، نياز محمد کوسو، عبدالرحمان، محمد شريف، غلام مصطفيءِ، عرس جتوئي، شاهه علي لغاري، فتح علي لغاري، غلام شبير خاصخيلي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *