Friday , March 29 2024

سنڌ هندو رجسٽريشن رولز 2017 بابت تجويزون تيار، سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت معاون خصوصي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي سنڌ هندو رجسٽريشن رولز 2017ع لاءِ پنهنجون سفارشون وڏي وزير کي موڪلي ڇڏيون  آهن. رولز تي غور ويچار لاءِ ٿيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، سينيٽر هري رام، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، اقليتي معاملن واري کاتي جي سيڪريٽري فاروق اعظم ميمڻ، ڊائريڪٽر شاهد عبدالسلام، ايڊيشنل سيڪريٽري قانون بابر قدير سميت لاڳاپيل عملدار به شريڪ ٿيا.

اقليتي معاملن واري سيڪريٽري اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته رولز کي ايڪٽ جي روح موجب ٺاهيو ويندو ته جيئن هندو برادري جي رجسٽريشن ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته اقليتي برادري کي هر قسم جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. هن چيو ته پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي عمل ڪرائڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو آهي ته جيئن رولز کي حتمي شڪل ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *