Tuesday , April 16 2024

سنڌ مان سمورن غير قانوني پرڏيهي کي نيڪالي ڏني وڃي…!!

APC1
ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ميزباني هيٺ “پرامن سنڌ ۽ پر امن پاڪستان” جي عنوان سان ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس دوران 25 لک افغانين، ايرانين، برمين، بنگالين ۽ ٻين پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي سموري ملڪ ۾ آخري دهشتتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
جمعيت علماءِ پاڪستان ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ميزباني هيٺ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نواز ليگ جي لياقت جتوئي، شفيع ڄاموٺ، عارف مصطفيٰ جتوئي، سني تحريڪ جي ثروت اعجاز قادري، تحريڪ انصاف جي فيصل واوڊا، ۽جي يو پي جي اويس نوراني سميت مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نئين قانونسازي جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان ۾ بهتري لاءِ ٻين کان ڊڪٽيشن وٺڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته افغانستان “را” جو ايجنٽ بڻيل آهي، اسان کي هڪ ٿي ان کي منهن ڏيڻو پوندو.
اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته 12 سئو سال پراڻين پاليسين تي عمل ڪرڻ ممڪن ناهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نئين قانونسازي جي ضرورت آهي.
اياز لطيف پليجي چيو ته اسان هميشه پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ بدران آمريڪا جي اشاري تي هلندا رهيا آهيون.
اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي عوام جو ڪو به والي وارث ناهي، ماڻهو علاج لاءِ اسپتالن ۾ ڌڪا کائي رهيا آهن.
آل پارٽيز ڪانفرنس دوران مطالبو ڪيو ويو ته 25 لک افغانين، ايرانين، برمين، بنگالين ۽ ٻين پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي سموري ملڪ ۾ آخري دهشتتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو وڃي..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *