Thursday , April 18 2024

سنڌ سڪي پئي، پنجاب جو پاڻي تي ڌاڙو،گريٽر ٿل ڪئنال وهائي ڇڏيو

          گريٽر ٿل ڪئنال – فائل فوٽو

اسلام آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڻي جي سخت اڻاٺ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب بيٺل فصل سڪي رهيا آهن ۽ پڇڙي جي علائقن ۾ جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي. ان دوران ئي پنجاب پنهنجي هٺ ڌرمي ڪندي تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال ۾ پاڻي وهائي ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سنڌ ۾ موجود پاڻي جي 70 سيڪڙو کوٽ وڌي 80 کان 90 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ باوجود گرمي پد وڌڻ بعد معمولي برف ڳرڻ جو بهانو بڻائي پنجاب گريٽر ٿتل ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙي ڇڏيو آهي. سنڌسماءَچار جي اسلام آباد واري خاص نمائندي جي رپورٽ مطابق، پنجاب جي آبپاشي کاتي ارسا سميت ڪنهن به لاڳاپيل اختياري کي ٻڌائڻ جي کانسواءِ 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. سنڌ ۾ گڊو وٽ 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي، جنهن ۾ مٿانهون وهڪرو 52480 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هيٺانهون وهڪرو 43783 ڪيوسڪ رهيو، گڊو وٽ مٿانهون وهڪرو 140148 ڪيوسڪ هجڻ گهرجي. سکر ۾ 95 هزار ڪيوسڪ بدران پاڻي جي آمد 31450 ڪيوسڪ رهيو، ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 6585 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڊيلٽا ۾ پاڻي بند آهي. ضرورت موجب هن وقت ڪوٽڙي ۾ پاڻي آمد 35635 ڪيوسڪ هجڻ گهرجي، سمنڊ وٽ پاڻي نه وڃڻ سبب سمنڊ زمين ڳڙڪائي پيو، انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *