Thursday , April 18 2024

سنڌ سميت ملڪ ۾ فيبروري کان 30 اپريل تائين 16 هزار صرف مئي ۾ 51 هزار ماڻهو ڪرونا ۾ مبتلا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا تيزي سان وڌڻ لڳي، وفاقي حڪومت جو لاڪ ڊائون وڌيڪ نرم ڪرڻ تي غور

ڪراچي ( رپورٽ آفاق ڀٽي   سنڌ سماءَچار) سنڌ 26 فيبروري 30 هين اپريل تائين 16 هزار ماڻهو ڪرونا ۾ مبتلا ٿيا، جنهن دوران وبا وگهي فوتين جو انگ 385 هو، صرف مئي مهيني دوران مريضن جو انگ 51 هزارن کان وڌي ويو آهي، جڏهن تو فوتين جو انگ ب ه تيزي سان وڌي ويو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن جيان پاڪستان  ۾ به ڪرونا جي وبا تيزي ڦهلجي رهي آهي، سنڌ حڪومت پاران مارچ جي ٻئي هفتي ۾ صوبي اندر مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ بعد پنجاب، ڪي پي ڪي ۽  بلوچستان جي حڪومتن وزيراعظم عمران خان جي مخالفت باوجود لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو هو، صوبائي حڪومتن پاران ڪيل مڪمل لاڪ ڊائون دوران ڪرونا وائرس جي پکيڙ تي ضابطو رهيو، جنهن  ۾ 26هين فيبروري کان 31 مارچ تائين ملڪ ۾ ڪرونا جي مريضن جو مجموعي انگ ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ رهيو، جيڪو 30 اپريل تائين وڌي 16 هزار ٿي ويو، ملڪ خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وارس جي مريضن ۾ اپريل مهيني دوران تيزي سان اضافو ٿيو.

اهڙي صورتحال باوجود وفاقي سرڪار خاص طور تي وزيراعظم عمران خان لاڪ ڊائون کي ختم ڪرڻ تي زور ڀريندو رهيو، نيٺ هُن ان کي سمارٽ لاڪ ڊائون جو نالو ڏئي اڏاوتي صنعت ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين صنعتن کي کولرائڻ سان گڏ گڊز ٽرانسپورٽ کي به کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهڙي طرح مئي مهيني جي پهرين هفتي ۾ وزيراعظم عمران خان صنعتڪارن، واپارين، ايڪسپورٽرز جي چوڻ تي وڌيڪ صنعتون به کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهڙي نموني رمضان المبارڪ جي مهيني دوران واپارين جي جي هٺ ڌرمي ۽ هوڏ کانپوءِ سپريم ڪورٽ آخري ڏهاڪي دوران سڄي ملڪ جا سمورا شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون بازارون ۽ دڪان کولڻ جي مڪمل اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن دوران ايس او پيز جي پابندي به نه ڪئي وئي.

وفاقي سرڪار ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي کوليل ڪاروباري سرگرمين ۽ ايس او پيز تي عمل ن ه ڪرائڻ جي نتيجي ۾ رڳو مئي مهيني دوران ملڪ ۾سرڪاري انگن اکرن مطابق 51 هزارن کان وڌيڪ عورتون، ٻارڙا، پيرسن ۽ جوان ڪرونا وائرس جي وبا ۾ وٺجي ويا آهن. ڪرونا وائرس عيد دوران ملڪ جي شهرن مان نڪري ٻهراڙين تائين پهچي وئي آهي. پاڪستان ۾ هن وقتٿ ڪتررونا وائرس جا مجموعي طور تي سرڪاري انگن اکرن مطابق 70 هزار 870 مريض موجود آهن، 15 سئو 20 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن، جن مان سنڌ ۾ 28 هزار245، پنجاب ۾ 25 هزار 56، ڪي پي ۾ 10027، بلوچستان ۾ 4193، اسلام آباد ۾ 2418، گلگت678 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 252 کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.

جعلي ڊوميسائيلز رد ڪيو، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *