Thursday , April 25 2024

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 53 هون يوم دفاع ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بچاءَ ۽ شهيدن جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو هو جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏيندي دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا، ان ڏينهن جي ياد ۾ اڄ بچاءَ وارو ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهايو پيو وڃي. بچاءَ واري ڏهاڙي جي شروعات فجر جي نماز کانپوءِ مسجدن ۾ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي. بچاءَ واري ڏهاڙي تي مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ڪئي وئي جتي ايئر فورس اصغر خان اڪيڊمي جي ڪيڊٽس مزار قائد تي گارڊن جا فرض سنڀاليا جنهن ۾ پنج ليڊي ڪيڊٽس به شامل آهن. تقريب جو خاص مهمان ايئر وائس مارشل نديم صابر هو، جنهن جهنڊو ڦڙڪايو ۽ مزار تي گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني به ڪئي. گيريزن ڪمانڊر ميجر جنرل محمد عامر صبح لاهور ۾ مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گل چاڙهيا، فاتحه خواني ڪئي. پاڪ فوج جي دستي سلامي پيش ڪئي، ميجر محمد عامر مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر به لکيا. بچاءَ واري ڏهاڙي تي نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي جنهن دوران سامونڊي فوج جي سربراهه جو پيغام پڙهي ٻڌايو ويو. وائس چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ڪليم شوڪت تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. شهيدن جي ڏهاڙي تي ڪراچي جي علائقي ملير ڇانوڻي ۾ به تقريب ڪوٺائي وئي جنهن دوران پاڪ فوج جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو. تقريب دوران پاڪ فوج جي استعمال هيٺ الخالد ۽ الضرار ٽئنڪن، بڪتر بند گاڏين ۽ ريڊار سسٽم سميت هٿيارن جي نمائش به ڪئي وئي. اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور شرڪت ڪندو.

 قوم پنهنجي شهيدن کي خاص ڀيٽا پيش ڪندي ۽ سندن قربانيون اجاگر ڪيون وينديون، شهيدن سان گڏ غازين کي به سلام پيش ڪيو پيو وڃي جيڪي قوم جو خواب پورو ڪندي پاڻ اڌورو ٿي ويا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بچاءَ واري ڏهاڙي تي شهيدن جي وارثن کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيد جو جيڪو موت آهي اهو قوم جي زندگي آهي. پاڪ فوج پاران خاص پروموز تيار ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪشمير جي آزاديءَ جي شهيدن کي سلام پيش ڪيو ويو آهي. بچاءَ واري ڏهاڙي تي پاڪ فوج پاران ڪيترن ئي شهرن ۾ هٿيارن جي نمائش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ريلوي اسٽيشنز ۽ هوائي اڏن سميت اهم هنڌن تي شهيدن جون تصويرون لڳايون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *