Wednesday , April 17 2024

سنڌ سرڪار کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري وارو اختيار کسجي ويو

ڪراچي: هاڻي سنڌ حڪومت چٽاڀيٽي واري اعليٰ امتحان وٺڻ واري اداري جو سربراهه ۽ ان جا ميمبر سڌو مقرر نه ڪري سگهندي. عدالتي حڪم بعد سنڌ سرڪار طرفان پبلڪ سروس ڪميشن ۾  چيئرمين ۽ ميمبرن کي سڌي ريت ڀرتي ڪرڻ وارو طريقيڪار ختم ڪري لاڳاپيل اميدوارن جي ڀرتي بااختيار سليڪشن ڪاميٽي وسيلي ڪرڻ، ڪميشن جا پنجاب سميت ٻين صوبن جي طرز تي نوان رولز ٺاهڻ لاءِ ٻين صوبن جي رولز جا نقل طلب ڪندي ڪميشن جي عهدن جو مدو 5-5 سالن تائين برقرار رکڻ سميت ٻين سفارشن واري سمري منظور ڪئي آهي. جڏهن ته ڪميشن جي وڌيڪ ٻن ڪامورن بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ انهن جا اصل سروس پروفائيل طلب ڪيا ويا آهن. اهڙي قسم جي نشاندهي  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان منظور ڪيل سمري ۾ ٿي آهي جيڪا سمري سنڌ جي عام انتظامن ۽ رابطبن واري کاتي عدالتي حڪم بعد وزيراعليٰ هائوس ڏانهن منظوري لاءِ موڪلي وئي هئي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت جاري ڪيل آرڊر ۽ گائيڊ لائين کانپوءِ صوبي جي چيف سيڪريٽري طرفان ايندڙ ٻڌڻي تائين عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ صوبائي سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي کي پنهنجون سفارشون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته عدالتي حڪم بعد ڪميشن جي نئين سرجوڙجڪ ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن اماڻيل سمري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منظور ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 1989ع جي ايڪٽ جي سيڪشن 10 تحت ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبر مقرر ڪرڻ لاءِ رولز ٺاهيا وڃن، جنهن ۾ لاڳاپيل عهدن تي ڀرتين لاءِ بااختيار اعليٰ سليڪشن ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي ڀرتي لاءِ سامهون ايندڙ اميدوارن کان انٽرويو وٺندي، انهن جي قابليت ۽ دستاويزن جي اسڪروٽني پڻ ڪندي، ان کان اڳ ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي سڌي ريت ڀرتي ٿيندي هئي پر عدالتي آرڊر جاري ٿيڻ بعد وڏي وزير کي حاصل اهو اختيار واپس ورتو ويو آهي ۽ هاڻي ڪميشن جا عهدا چٽا ڀيٽي ذريعي ڀريا ويندا جنهن جي لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويندي. وڏي وزير ڪميشن جا نوان رولز ٺاهڻ جي به منظوري ڏني آهي ۽ نوان رولز ٻين صوبن جي طرز تي ٺاهيا پيا وڃن جنهن جي لاءِ پنجاب سميت ٽنهي صوبن کان ڪميشن جي رولز جا نقل گهريا ويا آهن ته جيئن انهن جو جائزو وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا به رولز ٺاهي سگهجن. وڏي وزير طرفان نوان رولز ٺهڻ تائين ڪميشن جي جوڙجڪ کان منع ڪري ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *