Saturday , April 20 2024

سنڌ حڪومت ڪامورن ۽ وزيرن تي وري مهربان، سندن فليٽس، بنگلن ۽ آفيسن جي مرمت لاءِ 47 ڪروڙ رپيا منظور

images

سنڌ سرڪار وزيراعليٰ هائوس، سنڌ هائوس، آفيسرز ڪلب، 5 صوبائي وزيرن، 12 سيڪريٽرين سميت ٻين ڪامورن جي 109 رهائشگاهن ۽ آفيسن جي مرمت ۽ سجاوٽ لاءِ ساڍا 17 ڪروڙ رپين جي آئوٽ سائيڊ بجيٽ سميت 47 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي ۾ واقع سرڪاري رهائشگاهن ۽ آفيسن جي مرمت ۽ سجاوٽ لاءِ ورڪس کاتي پاران 47 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي باٿ آءِ لينڊ ڪلفٽن واري علائقي ۾ آفيسرن جي رهائشي بلاڪ جي اڏاوت لاءِ 12 ڪروڙ رپيا، سيڪريٽرين جي 6 فليٽن جي سجاوٽ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا آهن.

آفيسرز ڪلب لاءِ 12 ڪروڙ رپيا، صحت کاتي جي اسپتالن جي اڏاوت لاءِ 15 ڪروڙ 65 لک رپيا، سماجي ڀلائي واري کاتي جي آفيسن جي بحالي ۽ اپ گريڊيشن لاءِ سوا 2 ڪروڙ رپيا، محنت ۽ افرادي قوت واري کاتي جي اپ گريڊيشن ۽ بحاليءَ وارن مقصدن لاءِ 96 لک رپين جي فنڊز جي منظوري ڏني وئي آهي.

وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ لاءِ 3 ڪروڙ 40 لک رپيا، 5 صوبائي وزيرن جي بنگلن لاءِ هڪ ڪروڙ 34 لک رپيا، 14 سيڪريٽرين جي بنگلن جي آرائش لاءِ 2 ڪروڙ 6 لک رپيا، 20 سيڪريٽرين، ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڊپٽي سيڪريٽرين سميت ٻين ڪامورن جي بنگلن ۽ فليٽس لاءِ اٽڪل هڪ ڪروڙ 44 لک رپيا، مختلف سيڪريٽرين، وي آئي پي ريسٽ هائوس سميت ٻين ڪامورن ۽ ملازمن جي سرڪاري رهائشگاهن لاءِ 7 ڪروڙ 48 لک رپيا، سرڪٽ هائوس لاءِ 35 لک رپيا، سيڪريٽرين جي فليٽن لاءِ 6 لک 49 هزار رپيا منظور ڪيا ويا آهن.

ان سلسلي ۾ 109 بنگلن، فليٽن، آفيسن سميت ٻين عمارتن لاءِ 47 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا آهن، جن مان وزيراعليٰ هائوس، سرڪٽ هائوس، سنڌ هائوس گوادر، صوبائي وزيرن، سيڪريٽرين سميت ٻين ڪامورن جي رهائشگاهه لاءِ ساڍا 17 ڪروڙ رپيا آئوٽ سائيڊ بجيٽ مان منظور ڪيا ويا آهن، اهي فنڊ خرچ ڪرڻ لاءِ ورڪس اينڊ سروسز کاتي پاران 2 ڌار ڌار ڪاميٽيون به قائم ڪيون ويون آهن. ( مانٽيرنگ(

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *