Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت پاران نماز  ۽ جمعي نماز جي  اجتماعن تي پابندي هڻي ڇڏي،وفاقي حڪومت پاران به اجتماع محدود ڪرڻ جو فيصلو

نماز ۽ جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي انتهائي ڏکيو فيصلو آهي، مجبوري ۾ قدم کڻڻو: ناصر شاهه

جمعي نماز سميت پنج وقت نماز جي اجتماعن کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وفاقي وزير نورالحق قادري

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌ سماءَچار) سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ سخت فيصلو ڪندي مسجدن ۾ باجماعت نماز ۽ جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، اڄ جمعي جي نماز سميت ٻين نمازن جا اجتماع نه ٿيندا، حڪم 5 اپريل تائين لاڳو رهندو، گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽثيفڪيشڻ ۾ چيو ويو آهي ته حڪمن جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته فيصلو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آحي پر وباي وارس کي روڪڻ لاءِ عالمن جي صلاح مشوري کانپوءِ اهڙو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزر ناصر شاهه چيو آهي ته، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن سان گڏجاڻي ڪري وڏي غور ۽ فڪر کانپوءِ، ڪرونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻ  لاءِ پنج وقت نماز ۽ جمعي جي نماز جي اجتماعن کي انتهائي محدود ڪيو ويو آهي، ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا پر مسجدن ۾ 3 کان 5 ڄڻن کان وڌيڪ جماعت ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا. هن چيو ته نماز ۽ جمعي جي نماز وارن اجتماعن تي پابندي واري فيصلي وقت تما گهڻي تڪليف مان گذري رهيا آهيون پر، ڪرونا جي وبا کي روڪڻ لاءِ اهو فيصلو ڪرڻو پئجي ويو آهي.

ان سلسلي ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ جي سلسلي ۾ باجماعت ۽ جمعي نماز کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ مسجدن کي ته نٿو بند ڪري سگهجي پر جماعت سان نماز ۽ جمعي نماز ۾ هاڻي نابالغ ۽ 50 سالن کان وڌيڪ عمر واري ماڻهن جي شرڪت جي اجازت نه هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *