Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت پاران صاف پاڻي جي آر او پلانٽس ۾ اربين رپين جون گهوٻيون ظاهر ٿي پيون

water drinking3
 سپريم ڪورٽ سنڌ ۾صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ ڊرينيج بابت جوڙيل ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ کي هٽائي ڪيڊر آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا آهن ته هڪ ماڻهوءَ کي بچائڻ لاءِ 100 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرائي سگهون ٿا، عدالت کي مطمئن نه ڪيو ويو ته آبپاشي سيڪريٽري، واسا ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، عدالت ايم ڊي اتر سنڌ ۽ سنڌ اربن سروسز نساسڪ کي سڀاڻي طلب ڪندي ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کان منصوبن لاءِ قرض جي فراهمي وارو معاهدو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ناليواري وڪيل شهاب اوستو جي سنڌ جي شهرن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ آر او پلانٽس لڳائڻ جي مد ۾ اربين رپين جي فراڊ جو انڪشاف ڪيو ويو.
water drinking2
پاڻي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي صوبي اندر 7 سئو کان وڌيڪ پلانٽس لڳائڻ لاءِ اربين رپين جون ادائگيون ڪيون ويون، جن جي لڳڻ بعد انهن جو معيار ۽ ڪارڪردگي به نه ڏٺي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عملي جي نااهلي، گهٽ دلچسپي ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪرپشن سبب اڪثر پلانٽس ناڪاره آهن، جڏهن ته پلانٽس سان گڏ قائم ليبارٽريز رڳو ڌوڪو آهن، جن ۾ ٽيسٽ جي سهولت به موجود نه آهي. پاڻي ڪميشن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ذميواري جي احساس ۽ شرمندگي کانسواءِ ماڻهن کي گندو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هيپاٽائيٽس بي، جڳر جي مرض، رت جي کوٽ ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه بيهجي وڃڻ سبب بيماريون پکڙيون ويون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خانگي ڪمپني کي جهڙي طريقي ادائگيون ڪيون ويون، ان مان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو وڌندو پيو وڃي پر ان ڏس ۾ حڪومت جي رٿابندي ڪٿي به نظر نٿي اچي.
water drinking1
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڏن شهرن جي پوش علائقن کانسواءِ هر هنڌ سيوريج، ڪچري ۽ گندگيءَ جا ڍير مستقل شڪل اختيار ڪري ويا آهن، ڪچرو کڻڻ جي مدد ۾ اربين رپيا خرچ ڪيا ويا پر مسئلو جيئن جو تيئن آهي. عدالت نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن جي ڪانٽريڪٽس جي ڪاپي پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙو ڪهڙو قومي راز آهي جو عدالت کان ڳجهو رکيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ ايم ڊي نارٿ سنڌ اربن سروسز نساسڪ کي سڀاڻي طلب ڪندي ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کان پاڻي نيڪال جي منصوبن لاءِ قرض جي فراهمي جو معاهدو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته نساسڪ جي قيام ۽ معاهدن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. ايم ڊي واٽر بورڊ مصباح الدين فريد عدالت ۾ پيش ٿي شهر اندر لڳل پنج فلٽر پلانٽس جي غير معياري هئڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ڪلورين جي گهٽتائي ۽ ٻين سببن جي ڪري فلٽر پلانٽس فعال نه آهن. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته شهر ۾ 3 ٽريٽمينٽ پلانٽس مرمت جو ڪم نه ٿيڻ ڪري بند ٿي چڪا آهن. درخواستگذار ايڊووڪيٽ شهاب اوستو موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي ۾ روزانو ساڍا 4 سئو ملين گيلن پاڻي صاف ڪرڻ کانسواءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، ٽريٽمينٽ نه ٿيڻ ڪري هڪ طرف سمنڊ تباهه ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي وڏن جهازن جي مرمت ڪروڙين رپيا خرچ ٿي رهيا آهن.
Pak Oasis
عدالت محمود آباد ٽريٽمينٽ پلانٽ جي 40 ايڪڙ زمين ليز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته فلاحي مقصدن لاءِ ڏنل پلانٽ ڪهڙي طريقي سان ليز ڪري سگهجي ٿو. عدالت پاڻي ڪميشن جي رپورٽ عام ڪرڻ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ مصباح الدين کي هٽائي ڪيڊر آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ ماڻهوءَ جي حياتي بچائڻ لاءِ هڪ سئو ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهجي ٿو. ججز ريمارڪس ڏنا ته سندن ترجيح قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، هــُنن 30-30 سال پراڻا آفيسر به هٽايا آهن، عدالت کي مطمئن نه ڪيو ويو ته آبپاشي سيڪريٽري، واسا ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا….

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *