Thursday , March 28 2024

سنڌ حڪومت پاران سڌي ريت 17 هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيل 130 کان وڌيڪ آفيسرن جي مستقبل جو ڇا ٿيندو…!!

sindh publis service commission

سنڌ حڪومت پاران مختلف وقتن تي 17 هين گريڊ ۾ سڌي ريت ڀرتي ڪيل 130 کان وڌيڪ آفيسرن جي قسمت جو فيصلو اڄ ٿيڻو آهي.

سڌي ريت ڀرتي ڪيل اهڙن 130 کان وڌيڪ آفيسرن واري ڪيس جي ٻڌڻي 4 اپريل اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ رکيل آهي.

سنڌسماءَچار کي چيف سيڪريٽري آفيس جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي سنڌ سرڪار پاران اهڙن سمورن آفيسرن جا نالا ۽ سندن سڌي ريت ڀرتي ٿيڻ وقت گريڊ ۽ کاتن سميت سمورا تفصيل تيار ڪيا ويا آهن. سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب اهڙن آفيسرن جي مستقبل جو فيصلو 4 اپريل 2017 واري سپريم ڪورٽ ۾ رٿيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران چٽو ٿي ويندو ته کين ڪهڙي پاسي رکيو ويندو. ڇا اُهي نوڪرين مان برطرف ڪيا ويندا يا وري، سپريم ڪورٽ پاران کين رضاڪارانا طور تي رٽائرمينٽ وٺڻ جي صلاح ڏني ويندي، جيئن نيب جي ڊائريڪٽرز جي سڌي ريت ڀرتين واري ڪيس ۾ ٿيو هو.

سنڌسماءَ چاران پاران هٿ ڪيل معلومات موجب اهڙن سمورن آفيسرز کي 1989 کان 1997 وارن سالن دوران سنڌ ۾ رهندڙ مختلف حڪومتن ۾، سنڌ پبلڪ سروس جو چٽاڀيٽي وارو امتحان پاس ڪرڻ بنا سڌي ريت نوڪرين ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو.

سنڌسماءَچار جي معلومات موجب انهن سمورن آفيسرز کي 17 هين گريڊ ۾، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پيز ۽ ٻين عهدن تي  ڀرتي ڪيو ويو هو، جيڪي عهدا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽي واري امتحان ذريعي ئي ڀري سگهجن پيا.

چيف سيڪريٽري آفيس جي ذريعن سنڌسماءَچار www.sindhsamaachar.com کي ٻڌايو ته، انهن آفيسرن بابت هن وقت تائين جوڙيل تفصيلن موجب سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن ۾ 130 کان وڌيڪ آفيسر شامل آهن جن ۾ 20 هين گريڊ جي سيڪريٽري سطح جا 10 آفيسر، 61 ايس پيز ۽ 50 کان وڌيڪ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻيا ڪامورا شامل آهن.

Sindh Govt Logo3

انهن آفيسرن بابت هن وقت تائين جوڙيل تفصيلن موجب سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن ۾ 130 کان وڌيڪ آفيسر شامل آهن جن ۾ 20 هين گريڊ جي سيڪريٽري سطح جا 10 آفيسر، 61 ايس پيز ۽ 50 کان وڌيڪ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻيا ڪامورا شامل آهن.

 صوبائي وزير مخدوم جميل زمان جو ڀاءُ مخدوم شڪيل الزمان، سيڪريٽري ليبر سعيد اعواڻ، ڊي جي مانيٽرنگ امتياز شاهه، سيڪريٽري مدثر اقبال، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي حنيف محمد مرچي والا،  ڊي سيز شوڪت جوکيو، محمد علي شاهه، مهدي شاهه، ايس ايس پي ميرپورخاص رخسار احمد کهاوڙ، ايس ايس پي بدين قيوم پتافي، ايس پي ٽنڊوالهيار شاهجهان، ايس پي ڪشمور فدا حسين جانوري، ايس پي مٽياري ظفر اقبال ملڪ، خالد مصطفيٰ ڪورائي، ڄام ظفرالله ڌاريجو، عارف مهر، فريد جان سرهندي، فاروق جمالي، علي شير جکراڻي، محمد علي وساڻ ۽ ٻيا سڌي ريت ڀرتي ٿيل ڪامورن ۾ شامل آهن، جيڪي هن وقت سنڌ حڪومت جي اهم عهدن تي مقرر ٿيل آهن.

ان حوالي سان www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ موجب سپريم ڪورٽ ۾ رول 5 تحت سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن بابت ڪيس هلڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت عام انتظامن واري کاتي يعني سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن (ايس اينڊ جي اي ڊي) کاتي ذريعي سمورن سرڪاري کاتن کان رول 5 وارن آفيسرن ۽ پوليس کان سڌي ريت ڪميشن وارين پوسٽن تي ڀرتي ٿيل پوليس آفيسرن بابت تفصيل گهريا ويا هئا، جيڪي تيار ڪري رپورٽ جوڙي وئي آهي.

هن وقت تائين مليل تفصيلن موجب گذريل حڪومتن پاران 1990 ع کان 1997ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي دائري ۾ ايندڙ 17 هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي اهم پوسٽن تي ڪميشن بدران سڌي ريت ڀرتيون ڪري آفيسر ڀرتي ڪيا ويا هئا، جيڪي هن وقت 20 هين ۽ 19 هين گريڊ ۾ سنڌ حڪومت جي عهدن تي مقرر ٿيل آهن. عام انتظامن واري کاتي پاران رول 5 تحت سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن جي تيار ڪيل هڪ لسٽ جيڪا

www.sindhsamaachar.com کي ملي آهي، ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 20هين گريڊ جي آفيسرن مان بورڊ آف روينيو جو ميمبر رجسٽريشن ۽ روينيو وارو صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان جو ڀاءُ مخدوم شڪيل الزمان، سنڌ جي ترقيات ۽ رٿابندي واري مانيٽرنگ ۽ ايووليوشن سيل جو ڊائريڪٽر جنرل امتياز علي شاهه، سيڪريٽري ليبر ۽ ٻين کاتن ۾ سيڪريٽري رهندڙ سعيد احمد اعواڻ، اڳوڻو ڊي جي ڪول دانش سعيد، محمد فاروق لغاري ۽ غلام حيدر مڱريو کي سڌي ريت ڀرتي ڪيو ويو هو ۽ اُهي آفيسر رول 5 واري ڀرتين جي دائري ۾ اچن ٿا.

رول 5 وارن ٻين آفيسرن ۾ پڻ تعليم کاتي جو قانون بابت اسپيشل سيڪريٽري ذاڪر علي شاهه، گهرو کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري عبدالوهاب ميمڻ، رپورٽ ٿيل ليبر کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري رشيد سولنگي، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي طور مقرر ٿيل حنيف محمد مرچي والا به شامل آهن.

گريڊ 19 جي آفيسرن مان ايڊيشنل سيڪريٽري ايڪسائيز وحيد احمد شيخ، ڪراچي ڏکڻ جو اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر مصطفيٰ جمال قاضي، ايڊيشنل سيڪريٽري قطب الدين هڱورو، بخش علي مهر، رفيع الدين ۽ نويد اعواڻ به رول 5 تحت سڌي ريت ڪميشن وارين پوسٽن تي ڀرتي ٿيل آفيسرن ۾ شامل آهن.

دستاويزي ثبوتن موجب ان وقت جي حڪومت 47 آفيسرن کي اسسٽنٽ ڪمشنر طور 17 هين گريڊ جي عهدن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بدران وڏي وزير جي منظوري سان سڌي ريت ڀرتي ڪيو هو. جيڪي هن وقت 19 هين گريڊ جي پوسٽن تي پهچي ويا آهن ۽ مختلف کاتن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي مقرر ٿيل آهن.

اهڙن ٻين آفيسرز ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري نزهت فاطمه، اڳوڻو ڪين ڪمشنر سنڌ نوبت خان زرداري، ڄامشوري جو اڳوڻو لينڊ اڪيوزيشين آفيسر سهيل اديب بچاڻي، ڊپٽي ڪمشنر محمد علي شاهه، گهرو کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ابراهيم مهيسر، آغا ظهير الدين، آغا سراج احمد، منور لال، محمد اسلم لُنڊ، هادي بخش زرداري، خادم حسين ڀٽو، روبينه شاهين، پير احمد علي شاهه، مشتاق احمد، رياض علي عباسي، شاهه محمد شاهه، خير بخش جوکيو، امجد علي لغاري، سليم احمد خان، مقصود احمد قريشي ۽ محمد بابر قدير ، ياسر جان بلوچ، صحت کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيل رياض اقبال بلوچ، بچل راهپوٽو، سڪندر علي خشڪ، فيصل عقيلي، شاهد عبدالسلام، قمر رضا بلوچ، ديدار حسين بلوچ، محمد اسلم لُنڊ، غلام حيدر چانڊيو، خدا ڏنو شورو، اڳوڻو ڊي سي مخدوم عقيل الزمان،  محمد عمران شاڪر، شير حسين شاهه شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *