Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت مختيارڪارن جون خالي جايون ڀرڻ بدران190مختيارڪارن واڌو چارج ڏئي ڇڏيون

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي     سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سنڌ ۾ مختيارڪارن جون خالي جايون ڀرڻ بدران صوبي جي 190 کان وڌيڪ خالي پيل جاين تي هيٺئين گريڊ جي مختيار ڪارن کي مٿئين گريڊ جون واڌو چارج ڏئي ڇڏيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙو عمل او پي ايس تي مقرر ڪرڻ جي برابر آحي جنهن تي سپريم ڪورٽ پاران پابندي لڳل آهي. سنڌجي روينيو کاتي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڪاجي وقت اڳ، صوبي ۾ مختيارڪارن جي خالي پيل جاين ڀرڻ لاءِ قانوني گهرجون مڪمل ڪري جايون ڀرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن سنڌ حڪومت عمل ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪندي تحرڪ نه ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته چٽاڀيٽي واري امتحان ذريعي مختيارڪارن جون ڀرتيون ڪرڻ بدران روينيو کاتي پاران 16 گريڊ جي 190 کان وڌيڪ مختيارڪارن کي اڳئين يعني 174 گريڊ جي مختيارڪارن جي واڌو چارج ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته،  ڪنهن به کاتي ۾ اڳئين گريڊ جي جي چارج هيٺئين گريڊ جي آفيسر کي چارج ڏيڻ جو مطلب آهي ته او پي ايس يعني اون پي اسڪيل تي مقرري ڪرڻ، جنهن تي سپريم ڪورٽ پاران پابندي لاڳو ٿيل آهي. روينيو کاتي اهڙو عمل ڪري عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ اهڙو عمل توهين عدالت جي کاتي ۾ اچي ٿو.

روينيو کاتي پاران سترهين گريڊ ۾ ايڪٽنگ چارج هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. 15 فيبروري تي جاري ٿيل نوٽيفڪيشن نمبر 421 موجب مٽياري جو مختيارڪار عقيل منور ابڙو، سکر جو مختيارڪار محمد ايوب چاچڙ، خيرپور جو گل بيگ مجيداڻو، گهوٽڪي جو صفدر علي ميراڻي، عمرڪوٽ جو جهامن داس سونارو، ٺٽي جو منظور علي درس، نوشهرو فيروز جو اعجاز هاليپوٽو، حيدرآباد جو آغا ذوالفقار دراني ۽ افشان شيخ، سانگهڙ جو بابر نظاماڻي، شڪارپور جو حمير ميمڻ، حيدرآباد جو غلام شبير جسڪاڻي، ڪراچي اوڀر جو محمد علي گوپانگ، مٽياري جو قائم اڪبر نمائي، دادو جو اسد الله کوسو، بدين جو ذوالفقار نظاماڻي، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جو آصف محمود ملڪ، حيدرآباد جو سهيل آرائين، پريم چند ميگهواڙ ۽ سيد عامر حسين، نوشهري فيروز جو عمران راجپوت، دادو جو لياقت علي لنڊ بلوچ، دادو جو فهيم لاکير، ڪراچي ڏکڻ جو نجيب الله قريشي، شهيد بينظير آباد جو طارق سولنگي، لاڙڪاڻي جو مزمل رسول ٻگهيو، خيرپور جو رياض شيخ ۽ ظفر عباس عباسي، حيدرآباد جو فراز احمد صديقي شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *