Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت قلندر لال شهباز جي مزار اندر ڌماڪي ۾ 88 شهيد ۽ 343 جي زخمين جي تصديق ڪئي آهي. شهيدن کي اباڻن علائقن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سنڌ سميت سڄو ملڪ سوڳ ۾ ورتل

dead bodies1 dead bodiessehwan incident3

سنڌ حڪومت قلندر لال شهباز جي مزار اندر ڌماڪي ۾ 88 شهيد ۽ 343 جي زخمين جي تصديق ڪئي آهي، سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين مان وڌيڪ 5 ڄڻا شهيد ٿيڻ بعد شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 88 ٿي ويو آهي، اڪثر شهيد ٿيلن جي سڃاڻپ بعد سندن اباڻن علائقن ۾ تدفين ڪئي وئي آهي، 11 ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش سيوهڻ تعلقي اسپتال ۾ رکيا ويا آهن. سنڌ جي صحت کاتي پاران قلندر لعل شهباز جي مزار اندر ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 88 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. صحت کاتي موجب ڪاثر فوتين جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن. صحت کاتي جو چوڻ آهي ڌماڪي جي 11 شهيدن جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، انڪري انهن جا مڙهه سيوهڻ اسپتال ۾ رکيا ويا آهن، جن مان پنج مڙهه سڃاڻپ جوڳا نه هئڻ ڪري ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا ويا آهن.

sehwan incident6 sehwan incident4

ٿاڻي بولا خان واسي هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 12 شهيدن جا مڙهه اباڻن علائقن ۾ پهچڻ بعد تدفين ڪئي وئي. شهيدن ۾ 8 عورتن زينب، ظهوران، ساران، راڄٻائي، عدني، ميرزادي، سمرين ۽ صالحه سميت عطاءُ الله ۽ شبير شامل آهن، جڏهن ته 3 ڄڻا قدير، اول دين ۽ لال بيبي زخمي ٿي پيا. ٿاڻي بولا خان جي ڳوٺ نواب پالاري ۾ 7، حامد پالاري ۾ ٽن ۽ ڳوٺ شفيع پالاري ۾ ٻن شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي. قلندر لال شهباز جي مزار تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ واسي هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي به شامل آهن، جن مان چئن ڄڻن 45 ورهين جي بخشل، 7 ورهين جي مجاهد، 8 ورهين جي سميرا، 8 ورهين جي اويس جا مڙهه شهدادڪوٽ پهچائڻ بعد علڻ شاهه محلي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل شهدادڪوٽ واسي ٻن ڀائرن ٽن ورهين جي دلاور ۽ چئن ورهين جي ضمير جا مڙهه لاڙڪاڻي جي الهه آباد پاڙي پهچايا ويا، جتي جنازي نماز بعد سندن تدفين ڪئي وئي.

sehwan incident8

 وڌيڪ ٻن ڄڻن زاهد ۽ سندس ڀاءُ ڪاشف جا مڙهه به شهدادڪوٽ پهچايا ويا آهن. ڌماڪي کانپوءِ مسمات زويا سميت شهدادڪوٽ واسي پنج ڄڻا شاهزيب، زاهد، ڪاشف ۽ سمير اڃا تائين لاپتا آهن، جڏهن ته لال بي بي، فردوس، ڪوڙي، آسيه ۽ حبدار جو علاج هلندڙ آهي. ميرو خان واسي مظهر گوپانگ ۽ نواز تنيو سميت ٽن ڄڻن جا مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچايا ويا، جتي سندن جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي. ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل خانپور واسي غلام اڪبر آگاڻي ۽ ٽنڊو الهيار واسي حبيب ۽ سليم پٽيل جا مڙهه به اباڻن شهرن ۾ پهچائڻ بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي. سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل لاڙڪاڻي واسي هڪ سال جي ٻارڙَي نجيب شيخ، سهيل شيخ، ضمير کوکر ۽ فياض ويسر جي جنازي نماز مرڪزي جعفري امام بارگاهه ۾ ادا ڪرڻ بعد جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو پاڻمرادو ختم ڪري ابوبڪر قبرستان ۾ شهيدن جي تدفين ڪئي وئي. نئين ديري جي ٻن شهيدن پيرل خاصخيلي جي جنازي نماز شهر جي غريب آباد محلي ۽ بشير کهڙو جي جنازي نماز عيدگاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي. سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين مان 9 ڄڻن جو ٽراما سينٽر، پي اين ايس شفا ۾ 7 زخمين جو جناح اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته 6 زخمين کي عباسي شهيد اسپتال مان طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد فارغ ڪيو ويو.

sehwan incident5sehwan incident2 qalandar1NOBAT1

ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت زخمي ٿيل 343 ماڻهن جو ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ڄامشوري ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ۾ علاج جاري آهي، جن مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. قلندر لال شهباز جي مزار اندر ٿيل آپگهاتي ڌماڪي بعد گمبٽ جي ڊرٻ مهر شاهه واسي 8 سالن جو نينگر محمد ياسين اڄڻ، 60 سالن جي مسمات سڪينه خاتون اڄڻ ۽ گمبٽ واسي صدورو مهر جو به اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته سيوهڻ جي مقامي انتظاميا ۽ سيوهڻ اسپتال جي انتظاميا کين ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.

sehwan incident7 sehwan incident6

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *