Thursday , March 28 2024

سنڌ حڪومت عدالتي حڪم مڃي يا جواب ڏئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي ڊيپوٽيشن بابت سمورا ڪيس ڌار ڌار ڏسڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ان وٽ فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي، جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ڪير آهي، جنهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو، قانون انهن لاءِ ڪا اهميت نه ٿو رکي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سنڌ ۾ ڊيپوٽيشن ملازمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس گلزار احمد چيو ته اهو قانون ٻڌايو، جنهن تحت ڪنهن کي انڊڪٽ ڪري سگهجي، جيڪي ملازم ڊيپوٽيشن تي آيا، انهن کي واپس پنهنجن کاتن ۾ موڪليو. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هن موقعي تي اهو ممڪن ناهي، ڪجهه ملازم هاڻي گريڊ 20 ۾ آهن.

جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ سرڪار مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. اهو ڪير آهي، جنهن اهو سڀ ڪيو. قانون انهن لاءِ ڪا اهميت نه ٿو رکي. جسٽس فيصل عرب پڇاڻو ڪيو ته اهي سموريون ڀرتيون ڪڏهن ٿيون، وڪيل افتخار گيلاني چيو ته اهي ڀرتيون 1994 کان 1997 جي وچ ۾ ٿيون. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ۾ چيو ته انهن سمورن ملازمن کي پراجيڪٽ ملازمن طور انڊڪٽ ڪري سگهجي پيو. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اهي ملازم رڳو هڪ پراجيڪٽ لاءِ نه هئا، واپڊا جا جنرل ملازم هئا، جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ سرڪار وٽ فيصلو مڃڻ يا انڪار ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي.

وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته سپريم ڪورٽ سروس ٽربيونل جي فيصلي خلاف داخل درخواستون خارج ڪري چڪي آهي. جسٽس فيصل عرب ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته 1994 کان 2016 تائين اوهان طرفان ڪو اعتراض نه ڪيو ويو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا ملازمن کي واپس پنهنجن کاتن ڏانهن اماڻيو ويو؟ وڪيل وسيم سجاد چيو ته منهنجي ڪيس ۾ ائين ناهي ٿيو. جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان پاڻ ويهي معاملا طئي ناهيو ڪندا ۽ اسان وٽ اچي ويندا آهيو. اسان هن معاملي کي اڪلائڻ پيا وڃون. جسٽس گلزار احمد چيو ته جنهن کي عدالت جي فيصلي تي اعتراض هجي، اهو لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري.  وڪيل رشيد رضوي چيو ته هن عدالت کانسواءِ ٻيو ڪهڙو فورم آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته فيصلي ۾ لکيو آهي ته لاڳاپيل فورم وٽ وڃو، جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان ڌار ڌار درخواستون نه ٿا ٻڌي سگهون. جسٽس فيصل عرب چيو ته آئين جو آرٽيڪل 187 هن تي لاڳو ٿيندو. عدالت چيو ته درخواستگذار سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد چاهين ٿا. ڪجهه درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح ڪئي وئي. اهي درخواستگذار نه ڊپيوٽيشن تي هئا نه واپڊا ۾ هئا، پر سنڌ حڪومت جا ملازم هئا. عدالت هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت سمورن ڪيسز کي ڌار ڌار ڏسي، آرٽيڪل 187 هاءِ ڪورٽ کي اختيار ڏئي ٿو ته ان فيصلي جي تشريح ڪري ۽ عملدرآمد ڪرائي. ملازم لاڳاپيل فورم تي ڪيس چيلينج ڪري سگهن ٿا. عدالت درخواستون اڪلائيندي 4 مهينن ۾ سمورن ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *