Thursday , April 18 2024

سنڌ حڪومت خيرات وٺي يا چندو، ٿر ۾ خوراڪ جو بندوبست ڪري: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٿر ۾ پاڻي ۽ غذائي کوٽ ختم ڪري ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٿر جي اسپتالن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف جسٽس چيو آهي ته خيرات وٺو يا مدد جي اپيل ڪريو، ٿر جي حالت کي بهتر بڻايو وڃي، جنگي بنيادن تي خوراڪ ۽ پاڻي جو انتظام ڪيو وڃي، بلاول ۽ سندس والد کي اپيل ڪريان ٿو ته ٿر واسين جي مدد ڪريو، ٻن هفتن ۾ معاملو حل نه ٿيو ته اسان پاڻ ٿر جو دورو ڪنداسين. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پيش  ٿيو. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته خوراڪ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، 60 هزار ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته معياري خوراڪ سڀني جو حق آهي، بنيادي معاملا ڏسڻ رياست جي ذميواري آهي.

چيف جسٽس چيو ته اسان ٿر ۾ وڌيڪ معصوم ٻارڙن کي مرڻ نه ڏينداسين، مان آچر تي مٺي جو دورو ڪندس. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته خوراڪ گهٽ کائڻ سبب ٻارڙا حياتيون وڃائي رهيا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون نٿيون ملن، معصوم ٻارڙا حياتيون وڃائي رهيا آهن. رميش ڪمار چيو ته ٿر ۾ اسڪول ۽ صحت جا مرڪز نه آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٿر جي 65 سيڪڙو آبادي ڏکيائن جو شڪار آهي، جڏهن ٿر پهچڻ تي تنبو ۽ قناتون نه لڳائي ڇڏجو. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته 22 ڪلو ميٽر جو علائڍقو آهي، عرصي کان برسات ناهي پئي،  سنڌ ۾ واٽر ڪميشن ڪم ڪري رهي آهي. چيف جسٽس پڇا ڪئي ته جسٽس امير هاني صاحب ڇا  پاڻي جي معاملي کي ڏسي رهيو آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته جي ها، 2 هفتن اندر مثبت قدم کڻي وٺنداسين.چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ ڏينهن ۾ جادو واري ڀت نٿي ٺاهي سگهجي، اڄ ڪم شروع ٿيندو ته شيون بهتر ٿينديون. چيف جسٽس چيو ته ڀلي خيرات وٺو يا ماڻهن کي مدد جي اپيل ڪريو، پر ٿر جي حالت بهتر ڪريو، مان بلاول ڀٽو صاحب۽ سندس والد کي درخواست ٿو ڪريان ته ٿر جي ماڻهن جي مدد ڪن. ان موقعي تي عدالت ٿر جي سمورين اسپتالن ۾ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ، جنگي بنيادن تي خوراڪ ۽ پاڻي جو بندوبست ڪرڻ جو حڪم  ڏنو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2 هفتن اندر معاملو حل نه ٿيو ته اسان پاڻ ٿر جو دورو ڪنداسين.  چيف جسٽس چيو ته، آزادي کي 50 سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو، پر اڄ تائين قدم ڇو ناهن کنيا ويا.عدالت اٽارني جنرل جي تجويز سان ڪميٽي قائم ڪري 3 هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو. عدالت 3 هفتن اندر پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ ختم ڪري ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏنو.

هي نيوز پڙهڻ لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

صالح پٽ ۾ گهر جي پت ڪِرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 9 معصوم ٻارڙا فوت

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *