Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت جي روايت برقرار، احتجاج ڪندڙ پيراميڊيڪل اسٽاف تي پوليس جي لٺ بازي

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي روايتن کي دائم ۽ قائم رکندي پرامن احتجاج ڪندڙ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي لانگ مارچ تي لٺ بازي ڪرائيندي پوليس هٿان ڪيترن ۽ ماڻهن کي زخمي ڪرائي ڇڏيو آحي، پوليس پاران واٽر ڪينن جي استعمال ڪرائڻ سان ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ميمبرن جي حالت خراب ٿي وئي. پوليس بلٺ بازي ڪري 80 کان وڌيڪ ماڻحن کي ٻڌي لاڪ ڀيڙو ڪري ڇڏيو. مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ پيرا ميڊيڪل  اسٽاف يونين پاران ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس تائين مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،پوليس احتجاج ڪندڙ ملازمن تي ڪڙڪي پئي،لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب 10 ڄڻن کي بيهوشي جي حالت جناح اسپتال نيو ويو.ترجمان پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونين عبدالطيف اوٺي مطابق احتجاج دوران 50 کان وڌيڪ ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.هن سڀاڻي کان سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونين جي ملازمن پاران ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مظاهرين کي ڦوهارا چوڪ وٽ روڪيو ويو.پوليس احتجاج ڪندڙن کي سي ايم هائوس ڏانهن روڪيندي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو،شيلنگ سبب 10 ملازم بيهوش ٿي ويا، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.پيرا ميڊيڪل ايسو سي ايشن جي ترجمان عبداللطيف اوٺي ٻڌايو ته سندن 50 کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن. ترجمان سڀاڻي کان سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز ۽ وارڊن جو بائيڪاٽ ڪري هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.هن ٻڌايو ته آئي سي يو ۽ ايمرجنسي وارڊن کانسواءِ عملو ڪوبه ڪم ڪار نه ڪندو.پوليس جي لٺبازي  کانپوءِ پريس ڪلب جي سامهون احتجاج ڪندڙ ايس آر پي،پيرا ميڊيڪل ۽ ٻين تنظيمن جون احتجاجي ڪيمپون  پٽي ڇڏيون آهن. احتجاج دوران گرفتار ڪيل ملازمن کي صدر سميت شهر جي مختلف ٿاڻن ۾ رکيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *