Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت جي روايت برقرار،ڪڻڪ جا آبادگار وري پريشان

wheat1

سنڌ سرڪار هميشه جيان هن ڀيري به آبادگارن کي رلائڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا آهن. دادو، حيدرآباد، ۽ نوابشاهه سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل لهي ويو آهي، ان جي باوجود به سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪڻڪ جي آبادگارن کي بارداڻو مهيا ڪرڻ، ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ سميت ڪڻڪ جي خريداري مرڪزن کولڻ وارن معاملن کان مڪمل طور تي اڻڄاڻ بڻيل آهي. خوراڪ کاتي اڃا تائين ڪنهن به ضلعي ۾ ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز نه کوليا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ جي آڳاٽي فصل لهڻ وارن ضلعن جا آبادگار واپارين جي رحم ڪرم تي آهن.

دادو سميت اڪثر ضلعن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهي ويو آهي پر خوراڪ کاتي جي لاپرواهي سبب ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر نه کلي سگهيا آهن، واپاري 300 کان 400 رپيا گهٽ اگهه تي 2800 ۽ 2900 رپيا في ٻوري خريد ڪري رهيا آهن، سرڪاري اگهه 3250 رپيا اگهه نه ملڻ سبب آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو آهي، آبادگارن ملو مستوئي، الهه بخش سولنگي، بچل شيخ، خادم ۽ ٻين دانهيو ته سارين جيان ڪڻڪ جو مناسب اگهه نٿو ملي، خوراڪ کاتي جا عملدار رشوت عيوض واپارين سان ٻٽ آهن، سينٽر نه کوليا ويا آهن، واپاري گهٽ اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪن ٿا، لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي پر چونڊيل نمائندا ۽ آفيسر خاموش آهن، هنن چيو ته باردانو اصل آبادگارن بدران سياسي رشوت طور سفارشي ماڻهن کي ملي ٿو، هنن چيو ته سرڪاري اگهه ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا، معلوم ڪرڻ تي خوراڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ هو ته تياري ڪري رهيا آهيون، هفتي اندر دادو، جوهي، ميهڙ، ڪي اين شاهه سميت ضلعي اندر 25 سينٽر کوليا ويندا، جيئن باردانو ملندو، ورهايو ويندو.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ڪمند، سارين ۽ ڦٽين جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪرڻ بعد هاڻي ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ واپارين ۽ فلور ملز مالڪن جي ذريعي ڪات ڪهاڙا تيز ڪري ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *