Wednesday , April 24 2024

سنڌ حڪومت جون ملڪ رياض تي مهربانيون، ابن قاسم باغ ملڪ رياض حوالي،سنڌ اسيمبلي ۾ هُل

   bagh ibn qasim 2

پيپلز پارٽي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پارليامينٽيرينز جي جي سربراهه آصف علي زرداري جي دوست ملڪ رياض تي نوازشن جو سلسلو جاري آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ سمنڊ ڪناري موجود انتهائي قيمتي زمين وارو ابن قاسم پارڪ ملڪ رياض جي حوالي ڪيو ويو آهي.

ابن قاسم باغ بلڊر ملڪ رياض جي حوالي ڪرڻ واري مامري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ متحده پاڪستان جي ميمبرن وچ ۾ سخت جلمن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. اجلاس دوران

مخالف ڌر جي ميمبرن جو وڏوگوڙ ڪيو ۽ شيم شيم جا نعرا هڻندا رهيا.

اجلاس دوران مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ايم ڪيو ايم کي سخت تنقيد  نشانو بڻايو

ڄام خان شورو چيو ته، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڊي ايم سيز، ڪي ايم سي، واسا جي آفيسن سميت پارڪن ۾ متحده جون سيڪٽر آفيسون قائم ڪري اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ادارا تباهه ڪيا ويا. ڪراچي ۾ 300 پارڪن تي ڀائي لوگ قبضو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾  چائنا ۽ لنڊن ڪٽنگ ڪنهن متعارف ڪرائي، ان جي به سڀني کي خبر آهي.

اجلاس ۾ ڌيان ڇڪائي نوٽيس تي ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته 2 ارب رپين جي ادائگي نه ڪرڻ تي واسا کي هٿ وٺي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻايو ويو آهي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن اهي 2 ارب رپيا ڪنهن بئنڪ ۾ رکرائي به ملازمن کي پگهارون ڏياري سگهي ٿي پر اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪيو پيو وڃي. واسا ۽ شهري ادارن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي.

صابر قائمخاني پاران اُٿاريل سوال جو جواب ڏيندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڊي ايم سي، ڪي ايم سي ۽ واسا جي آفيسن ۾ متحده جون سيڪٽر آفيسون قائم ڪرڻ سان گڏ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ادارا تباهه ڪيا ويا، ڪراچي ۾ 300 پارڪن تي ڀائي لوگ قبضو ڪيو، چائنا ڪٽنگ ۽ لنڊن ڪٽنگ ڪنهن متعارف ڪرائي؟ سڀني کي خبر آهي.

هن چيو ته شهري ادارن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪري ادارن کي تباهه ڪيو ويو، اهي سڀ جن قبضا ڪيا،  انهن جي زون جا ميمبر آهن، هن چيو ته هاڻ اها داداگيري هلڻ نه ڏينداسون، 80 ڪروڙ بجلي جي بلن جي مد ۾ سنڌ حڪومت ڏي ٿي.

jam khan shorokhuwaja izhar

ڪراچي وانگر حيدرآباد کي به انهن تباهه ڪيو. لطيف آباد کي به اسان پاڻي ڏيون ٿا، هنن ته واسا جي آفيسن ۾ به سيڪٽر آفيسون قائم ڪري ڇڏيون هيون، گهوسٽ ملازمن ۾ هٿ وجهون ٿا ته ڀائي وارن کي تڪليف ٿئي ٿي، شادي هالن تان قبضا هٽايون ٿا، قبضو ڪيل شادي هال ختم ڪيون ٿا ته اُن تي به هنن کي تڪليف ٿئي ٿي، چائنا ڪٽنگ ۾ هٿ وجهون ٿا ته انهن يارن کي ئي تڪليف ٿيندي آهي، انهن جون ڪهڙيون تڪليفون آهن، جن کي حل ڪيون.

هن چيو ته حڪومت واسا جي ملازمن جي پگهارن واري مسئلي کي ڏسندي، باقي اسان واضح ڪيون ٿا ته گهوسٽ ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، انهن خلاف ڪارروائي ڪنداسون، ڄام خان شورو جي جواب ڏيڻ دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن گوڙ ڪيو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته اوهان کي جڏهن وارو مليو ته ڪنهن به مداخلت نه ڪئي، هاڻ جڏهن صوبائي وزير ڳالهائي رهيو آهي ته مهرباني ڪري کيس ڊسٽرب نه ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي محمد حسين ڌيان ڇڪايو، نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن جا فنڊ ڇو روڪيا ويا آهن، ان قسم جو ٻٽو رويو ڪڏهن ختم ٿيندو؟

ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين جي ڌيان ڇڪايل نوٽيس تي صوبائي وزير ڄام خان شورو اهو چئي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هي سوال سنڌ حڪومت متعلق آهي، آئون جواب نه ڏيندس، جنهن تي اسپيڪر محمد حسين کي چيو ته اوهان ٻيهر ڌيان ڇڪايو نوٽيس تيار ڪري جمع ڪرايو.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪامران اختر ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير جواب ڏئي ته ڇا اها واقعي حقيقت آهي ته شهري ڍانچو ۽ ڪراچي ماسٽر پلان پوري ريت تباهه ٿي چُڪا آهن، حڪومت جا 700 ارب رپيا ضايع ٿي ويا آهن. منظور قادر ڪاڪا جهڙا نااهل ۽ ڪرپٽ عملدار جن ڪراچي دشمن منصوبي جي سازش ڪندي عوام جي ٽيڪس مان مليل 80 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪئي ۽ اُهو ماڻهو هيڏي وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪرڻ بعد پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي.

هن چيو ته منظور قادر ڪاڪا هڪ سياسي شخصيت جو رائيٽ هينڊ آهي، منظور قادر ڪاڪا شهر ۾ چائنا ڪٽنگ بعد هاڻي ڪئناڊا ڪٽنگ ڪري غيرقانوني اڏاوتون ڪرائي پئسا لُٽي رهيو آهي. ان جي جواب ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته معزز ميمبر جو سوال بدنيتي تي ٻڌل آهي، سڀني کي خبر آهي ته چائنا ۽ لنڊن ڪٽنگ ڪنهن متعارف ڪرائي آهي؟، رينجرز جتي ڪارروايون ڪيون اُهي به انهن جون ڪيل چائنا ۽ لنڊن ڪٽنگس هيون، صوبائي وزير جي اهڙي جواب تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن احتجاج ڪندي شيم شيم جا نعرا هنيا ۽ گوڙ شروع ڪري ڏنو  ته ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، ايم ڪيو ايم جا ميمبر  پنهنجي سيٽن تي اُٿي بيهي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا،  اسپيڪر آغا سراج دراني گوڙ ڪندڙ ميمبرن کي بار بار خاموش رهڻ لاءِ چوندو رهيو پر ايم ڪيو ايم جا ميمبر مسلسل  گوڙ ڪندا رهيا.

اجلاس ۾  اسپيڪر جو ڌيان ڇڪائيندي  ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري چيو ته اهڙي اسيمبلي کي نه ٿا مڃون، جنهن کي قانون جو احترام نه هجي، هن چيو ته ڪراچي سان ٿيندڙ زيادتين کي هاڻي برداشت نه ڪنداسين، ابن قاسم پارڪ جي معاملي تي ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت خلاف آخري حد تائين ويندي.

bagh ibn qasim 3

هن چيو ته  سنڌ حڪومت ابن قاسم باغ سميت ڪيترائي ٻيا پارڪ  بحريا ٽائون کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪي ڪي ايم سي جي ملڪيت آهن ۽ اهي ئي ڪي ايم سي جي آمدني جو ذريعو آهن پر ظلم اهو ڪيو ويو آهي ته ان پارڪ کي هڪ بلڊر جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو انهي پارڪ کي ڪمرشل طور تي استعمال ڪندو. هن چيو ته ان پارڪ جي عوام لاءِ وقت صبح 9 کان 6 وڳي شام تائين رکيو ويو آهي، جڏهن ته هي عوامي ملڪيت آهي پر عوام 6 وڳي کان پوءِ اتي نه وڃي سگهندو، اهڙو قانون پ پ حڪومت هن ايوان کان منظور ڪرايو هو، جنهن ۾ پارڪ ڪنهن به اداري کي ڏيڻ جا اختيار مڪاني حڪومتن کان کسي صوبائي حڪومت پاڻ وٽ رکيا هئا، ان وقت اسان انهن جي سخت مخالفت ڪئي هئي، جنهن قانون تحت اهي عوامي پارڪ ٺيڪي تي بحريا ٽائون کي ڏنا ٿا وڃن، اهڙي حڪومتي عمل کي برداشت نه ڪنداسين، اسان روڊ بلاڪ ڪري احتجاج  ڪنداسين ۽ عدالت ۾ به وينداسين، فيصل سبزواريءَ جي پوائنٽ آف آرڊر جي جواب ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي پارڪن تي سيڪيورٽي ادارن ڪنهن جون آفيسون مسمار ڪيون هيون، ان بابت ميئر ڪراچي عوام کي ٻڌائي، سفاري پارڪ ۾ ڪهڙي اهم شخصيت کي زمين الاٽ ڪئي وئي، شادي هال ۽ ٻين ڪمرشل تقريبن لاءِ ڪنهن اجازت ڏني؟ اهي سموريون حقيقتون به عوام کي ٻڌايون وڃن.

bagh ibn qasim 1

 هن چيو ته ڪراچي شهر جي حالت خراب ڪنهن ڪئي؟ اها سڀني کي خبر آهي، ايوان ۾ صوبائي وزير پاليسي بيان ڏيندي چيو ته ابن قاسم پارڪ بحريا ٽائون کي 10 سالن لاءِ ڏنو آهي، جيڪو عوام لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رهندو ۽ اهو مفت هوندو، هن چيو ته الطاف جي نالي ڪا يونيورسٽي ٺهي ته ايم ڪيو ايم وارا ان جي حمايت ڪندا آهن، جيڪڏهن پارڪ جي بحالي لاءِ سنڌ سرڪار ڪم ڪري ٿي ته ان کي عوام دشمن پاليسي چيو ٿو وڃي، ايوان ۾ ابن قاسم پارڪ بحريه ٽائون حوالي ڪرڻ خلاف متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد مهملي واري رٿ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي رٿ کي اسپيڪر پاران ضابطن خلاف قرار ڏيندي رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن تي ايم ڪيو ايم سميت مخالف ڌر جي ميمبرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *