Thursday , April 18 2024

سنڌ حڪومت جا اشتهار جاري ڪرڻ ۾ ڪرپشن، نيب جو انفارميشن کاتي جي آفيس تي ڇاپو

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيب سنڌ حڪومت پاران جاري ٿيندڙ سرڪاري اشتهارن ۾ وڏي پئماني تي ٿيل ڪرپشڻ وارن الزامن جي جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي، نيب ٽيم سنڌ انفارميشن کاتي جي اشتهارن واري شعبي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، اخبارن، ٽي وي چئنلز ۽ ويب سائيٽس کي جاري ڪيل اشتهارن کي اشتهارن جي نالي تي به رقم جاري ٿيندي رهي آهي، 12 سالن کان ڊائريڪٽر ايڊورٽائيز مينٽ جي عهدي تي مقرر سمورن آفيسرز خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي.  نيب عملدارن سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ سُڌ سماءَ واري کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

نيب جي ٽيم سنڌ سيڪريٽري بئرڪس بلاڪ ۾ سڌ سماءَ واري آفيس تي ڇاپو هڻي ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سوڌو ٻين عملدارن کان پُڇاڳاڇا ڪئي. ڇاپي دوران نيب ٽيم غير لاڳاپيل ماڻهن کي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ملازمن کان به اشتهارن جي فراهمي ۽ کاتي جي بجيٽ بابت پڇاڳاڇا ڪئي. نيب ٽيم سڌ سما واري کاتي جي ملازمن کان پڇا ڳاڇا بعد کاتي جو اهم رڪارڊ ساڻ کڻي وئي. نيب عملدارن چيو آهي ته اشتهارن جي شعبي ۾ ڪرپشن بابت رڪارڊ ملڻ بعد جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي ۽ اَي جي آفيس مان به گهربل رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو . سڌ سماءَ واري کاتي ۾ ڪرپشن واري معاملي تي پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ ۽ سڌ سماءَ وارو سيڪريٽري ذولفقار شاهلواڻي سميت ٻيا جوابدار گرفتار ٿيل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *