Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت اسان کي لوليون نه ٻڌائي: جسٽس گلزار احمد

ڪراچي شهر تباهه ڪرڻ ۾ سڀ هڪٻئي سان مليل آهن: جسٽس گلزار احمد

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪراچي مان غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ واري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جي رپورٽ کي رد ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته، ڪراچي جي تباهي ۾ سڀ مليل آهن، اسان کي لوليون نه ٻڌايو، اوهان جي لولين ۾ نه اينداسين. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ڪراچي ۾ حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. عدالت ڪراچي جو انفراسٽرڪچر تباهه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  چيو ته شهر جي تباهي تي سنڌ سرڪار کي فوري ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ گهرجي. جسٽس گلزار احمد چيو ته 1950 کانپوءِ وارو اصل ماسٽر پلان پيش ڪيو. هن چيوته گهٽ ۾ گهٽ 500 عمارتون ڪيرائڻيون پونديون، ڪراچي جي تباهي ۾ سمورن ادارن جي ملي ڀڳت شامل آهي. سنڌ سرڪار شهر جي تباهي تي ماهرن سان مشورو ڪري، جامع رٿابندي تيار ڪري.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس گلزار چيو ته، اساسن کي ٻڌايو ته بنا ترتيب، شهري رٿابندي کانسواءِ شهر ۾ ڪم ڪيئن پيا ٿين. ٻڌايو وڃي ت شهر ۾ ڪيل غير قانوني عمارتن کي ڪيئن ڪيرائي سگهجي ٿو. ملير ندي تي قائم هر قسم جي عمارتن کي ڪيرائڻو پوندو، سڀ پئسا ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، هر ڪو امريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ ملڪيت ٺاهڻ چاهي ٿو، پنهنجو شهر تباهه ٿئي ته ڀلي ٿئي ان تي ڪنهن جو به ڌيان نه آهي، رڳو بهانا ڳولهيا پيا وڃن.  عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب توهان ڄاڻو ٿا ته شهر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، شهر جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي، بيورو ڪريٽ عوام جي پئسن تي پلجندا آهن، حڪومت ٻن هفتن ۾ رپورٽ ڏي ته ڪهڙي نموني انفراسٽرڪچر بحال ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *