Wednesday , April 24 2024

سنڌ جي پروفيسرز ۽ ليڪچررز جو سي ايم هائوس ٻاهران احتجاج، پوليس جو بي رحماڻو تشدد

سنڌ جي پروفيسرز ۽ ليڪچررز جو سي ايم هائوس ٻاهران احتجاج، پوليس جو بي رحماڻو تشد، مرد پوليس اهلڪارن عورت ليڪچررز کي گهلي گرفتار ڪيو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ڪاليجز جي پروفيسرسز ۽ ليڪچرز جو مطالبن جي مڃتا لاءِ وزيراعليٰ هائوس ٻاهران احتجاج، پوليس مٿن ڪڙڪي پئي هڪ ڪلاڪ تائين پوليس ڪاليجي استادن کي رستن تي ڊڪائيندي رهي، مرد پوليس اهلڪارن ڪيترين عورت ليڪچررز کي کنڀي موبائلن ۾ ويهاريو، پوليس ڪيترائي ڪاليجي استاد گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. سپلا جي سڏ تي سنڌ جي ڪاليجن جي استادن پاران ٽائيم اسڪيل ۽ پروموشنز نه ڏيڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احجھتجاجي مظاهرو ڪري ريلي جي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو، مارچ پي آءِ ڊي سي چوڪ ڀرسا سي ايم هائوس ڀرسان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڪاليجي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ نعريبازي ڪندا رهيا. ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين احتجاج جاري رهڻ بعد اوچتو پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، پوليس اهلڪارن بي رحماڻي نموني استادن مٿان لٺيون وسايون، جنهن ۾ ڪجهه استاد زخمي به ٿي پيا، پوليس استادن کي سي ايم هائوس واري روڊ، ڪلب روڊ ۽ لِلي ريلوي اوورهيڊ برج واري علائقي ۾ استادن کي ڊڪائيندي ۽ لٺيون وسائيندي رهي. پوليس استادن تي تشدد ڪرڻ دوران 15 کان وڌيڪ احتجاجي استادن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتاري دوران مرد پوليس اهلڪارن عورت ليڪچررز کي به گهلي پوليس موبائل ۾ ويهايو، جنهن تي استادن سخت احتجاج ڪيو پر پوليس کي رحم نه آيو. احتجاج ۽ پوليس جي لٺبازي دوران ڪيترائي استاد واپس پريس ڪلب ٻاهران پهچي ويا، جتي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي. سپلا اڳواڻن وچ ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ مشاورت ڪئي پئي وڃي. سپلا اڳواڻ هوت خان جمالي ۽ ٻين چيو آهي ته پوليس لٺبازي دوران عورت پروفيسرز ۽ ليڪچرز جي تذليل ڪئي آهي. ڪنهن به صورت ۾ احتجاج ختم نه ڪيو ويندو، احتجاجي ڪئمپ قائم ڪنداسين، جتي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو. پوليس گرفتارين بعد 50 کان وڌيڪ استادن خلاف ڪيس به داخل ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *