Thursday , March 28 2024

سنڌ جي ٻيٽن تي مالڪي! پي ٽي آءِ ايم پي اي شهريار خان شر پارٽي کي پاسي رکي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان بيهي رهيو

سنڌ اسان جي ماءُ آهي، ڌرتي ماءُ آهي، اسان ماءُ جي حفاظت ڪري ڄاڻو، اسان ڌرتي جي حفاظت ڪئي به آهي ۽ جيستائين زندهه آهيون ايستائين ڪنداسين: شهريار خان شر

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر (ايم پي اي) شهريار خان شر سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار خلاف سنڌ جي عوام جي موقف سان بيهي رهيو، شهريار خان شر چيو آهي ته، مونکي خبر آهي ته پارٽي پاليسي خلاف پنهنجي امڙ سنڌ سان بيهڻ تي سندس خلاف ڪا به ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ جا 29 ٻيا به ايم پي آهن پر اڄ مان اڄ هڪ هتي بيٺو آهيان. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ٻيٽن تي والار بابت صدارتي آرڊيننس خلاف پيش ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا، پي ٽي آءِ جو صرف هڪ سنڌي ايم پي اي شهريار خان شر واڪ آئوٽ نه ڪيو ۽ نه رڳو ايوان ۾ موجود رهيو پر هن ٻيٽن واري معاملي تي پيش ڪيل ٺهراءَ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو.

شهريار خان شر چيو ته، مونکي خبر آهي ته هن ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻ تي ، پي ٽي آءِ جا 30 ايم پي آهن انهن مان مان هڪڙو هتي بيٺو آهيان، اسان جو ضمير ۽ غيرت اسان سان گڏ آهي ته، اسان کي پنهنجو ضمير اجازت نه ٿو ڏئي ته هن اشو تي مخالفت ڪيون، آءُ هن ٺهراءَ جي مڪمل حمايت ڪيان ٿو، شهريار خان شر چيو ته، هي سنڌ ڌرتي جو اشو آهي، اسان جي ضمير جو اشو آهي، سنڌ اسان جي ماءُ آهي، ڌرتي ماءُ آهي، اسان ماءُ جي حفاظت ڪري ڄاڻو، اسان ڌرتي جي حفاظت ڪئي به آهي ۽ جيستائين آهيون ايستائين ڪنداسين. هن چيو ته، مون کي اها به خبر آهي ته هن ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻ ۽ هن تقرير کانپوءِ مون تي پريشر پوندو، پنهنجي پارٽي جو زور پوندو، تنگ به ڪندا ۽ منهنجو هي موقف واپس وٺڻ لاءِ به چوندا پر، اسان سنڌ جي هڪ هڪ انچ، پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي جو تحفظ ڪنداسين. شهريار شر ان موقعي تي گهوٽڪي ضلعي جي عوامي مسئلن تي به سنڌ حڪومت جو ڌيان ڇڪايو ۽ چيو ته، ضلعي گهوٽڪي ۾ برساتن ۽ نقلي دوائن، ٻج سبب زراعت تباهه ٿي وئي آهي، ووئنڻن جو  جو فصل تباهه ٿي ويو آهي، آبادگار ۽ هاري تباهه ٿي ويا آهن سنڌ حڪومت انهن جي  مالڪي ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *