Friday , April 19 2024

سنڌ جي ٻين شهرن کانپوءِ ڪراچي ۾ به مسلمانن جي صفائي واري عملي طور ڀرتين جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر     سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي واٽر ڪميشن 200 مسلمان صفائي ڪندڙ عملي کي برطرف ڪرڻ  جو حڪم جاري ڪندي ڪراچي مان مڪمل ڪچرو صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ جي واٽر ڪميشن ۾ جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ شنوائي ٿي. واٽر ڪميشن ۾ شنوائي دوران ايم ڊي سائيٽ، ايس ايس پي ويسٽ، چيني ڪمپني جا نمائندا، سولڊ ويسٽ مينجمنٽ عملدار، ڪراچي جي سمورين ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز جا چيئرمين پيش ٿيا. شنوائي جي شروعات ۾ چيئرمين ڊي ايم سي سينٽرل ريحان هاشمي عدالت کي ٻڌايو ته اسان وٽ ڪچرو کڻڻ جي مشينري ناهي، اسان کي سالڊ ويسٽ مينجمنٽ تي شديد اعتراض هئا، جنهن کي انتهائي مجبوري ۾ قبول ڪيوويو. جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم معلوم ڪيو ته توهان جون مجبوريون ڪهڙيون آهن،سنڌ حڪومت سان توهان جا واسطا ڪهڙا آهن،هي ڪميشن جو مسئلو ناهي، مسئلوهي آهي ته سينٽرل ضلعي ۾ هر جاءِ تي ڪچرو ئي ڪچرو آهي ۽ 1200 صفائي ڪندڙ آهن، ٻڌايو ته انهن مان ڪيترا مسلمان آهن؟ ريحان هاشمي ٻڌايو ته ضلعي سينٽرل ۾ 200 مسلمان صفائي ڪندڙ ملازم آهن، .جنهن تي جسٽس امير هاني مسلم چيو ته مسلمان گٽر صاف ڪندا آهن؟

 ريحان هاشمي  جي نهڪاري جواب تي جسٽس امير هاني مسلم حڪم جاري ڪيو ته انهن کي هڪدم برطرف ڪيو وڃي. جسٽس رٽائرڊ امير هاني  مسلم جو چوڻ هو ته سياسي ڀرٿيون ٿينديون ته معاملا خراب ٿيندا، صفائي ڪندڙعملي جي پوسٽ تي مسلمان ڪيئن ڀرٿي ٿيا؟. مڪاني ادارن جي سيڪريٽري محمد رمضان عدالت کي ٻڌايو ته ڊي ايم سي جا 50 سيڪڙو ملازم ڪم ڪرڻ لاءِ ايندا ئي ناهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ سياسي ڀرٿيون به ٿيون آهن ۽ وائٽ ڪالر سوئيپرز ڀرٿي ڪيا ويا آهن. هن انڪشاف ڪيو ته ڊي ايم سيز جي 13 هزار ملازمن مان 1380 ملازم هٿ ٺوڪيا آهن، جنهن تي ڪميشن جي سربراهه کانئن پڇيو ته انهن کي ڪڍيو ڇو نٿو وڃي؟ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري جواب ڏنو ته ڊي ايم سيز اڃا وڌيڪ ڀرتين جو مطالبو ڪري رهيون آهن. ڪچرو کڻندڙ چيني ڪمپني جي نمائندي ڪميشن کي آگاهي ڏني ته ڪراچي ۾ 90 گاڏيون ڪچرو کڻي رهيون آهن، جنهن تي امير هاني مسلم پڇاڻو ڪيو ته اهي 90 گاڏيون ڪٿي آهن، ڪهڙي وقت ڪم ڪنديون آهن ان جا تفصيل پيش ڪريو. ڪميشن سربراهه، ڪچر کڻندڙ ڪمپني کي ادائيگي بند ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ گهوٻين واري معاملي تي امير هاني مسلم، چيف انجنيئر کي مخاطب ٿيندي چيو ته کاتي ۾ ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جي انتها آهي، ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ئي ادائيگيون ڪيئن ڪيون پيون وڃن؟ ڪميشن سربراهه چيو ته ڇو نه پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي  جي آفيسرن کي جيل موڪلي ڇڏيون، ڪاغذن ۾ سمورا منصوبا پورا ٿي ويا، پر زمين تي ڪجهه به موجود ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *