Wednesday , April 17 2024

”سنڌ جي وڏيرن جا لکين رپيا ڊرائيورن جي اڪائونٽس ۾ ٽرانسفر ٿيندا رهندا آهن“: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ جي وڏيرن پنهنجي ملازمن کي ڪڏهن بئنڪ اڪائونٽ ذريعي پگهار ڏني آهي ڇا؟: چيف جسٽس احمد علي شيخ

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته مونکي خبر آهي ته سنڌ جا وڏيرا حساب ڪتاب رکندا آهن، لکين رپيا ڊرائيورن جي اڪائونٽس ۾ ٽرانسفر ٿيندا رهندا آهن، سنڌ جو اهڙو ڪهڙو وڏيرو آهي، جيڪو پنهنجي ملازمن کي باقاعدگي سان اڪائونٽس ذريعي پگهار ڏيندو آهي، چيف جسٽس اهڙا رمارڪس ڪرپشن ڪيس ۾ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي بابل ڀيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران ڏنا آحن، عدالت بابل ڀيو جي درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ بابل ڀيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، بابل ڀيو جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل کي بنا جواز ڦاسايو پيو وڃي، هو هر شئي جو حساب ڪتاب رکندو آهي، کيس ضمانت ڏني وڃي.

چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته مونکي خبر آهي ته سنڌ جا وڏيرا حساب ڪتاب رکندا آهن، لکين رپيا ڌاڙيلن جي اڪائونٽس ۾ ٽرانسفر ٿيندا رهندا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ جو اهڙو ڪهڙو وڏيرو آهي، جيڪو پنهنجي ملازمن کي باقاعده اڪائونٽس ذريعي پگهار ڏيندو آهي. چيف جسٽس درخواستگذار بابل ڀيو جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته شڪارپور جي 712 وڏيرن کي ڇڏي نيب رڳو هڪ وڏيري خلاف جاچ ڇو ڪندو؟ نيب جي جاچ آفيسر چيو ته بابل ڀيو ۽ سندس ڊرائيور ذريعي ٺيڪيدارن جي پيسن جي غيرقانوني ٽرانزيڪشن ٿي، ريفرنس ۾ بابل ڀيو، سندس ڊرائيور مقصود ڀيو ۽ افضل ڀيو نامزد آهن، ريفرنس ۾ اڃا 2 جوابدار مقصود ۽ افضل روپوش آهن. نيب چيو ته جوابدار جي اڪائونٽس مان غيرقانوني ٽرانزيڪشن ٿي، جوابدارن تي 4 ڪروڙ 80 لک رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو الزام آهي. عدالت بابل ڀيو جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڪندي ڪارروي ملتوي ڪري ڇڏي، جيڪو ڪنهن به وقت ٻڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *