Thursday , March 28 2024

سنڌ جي مالي سال 2018-19 جي بجيٽ پيش نه ٿيندي

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي مالي سال 2018-19 جي بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته، هلندڙ مالي سال جي واڌو خرچن لاءِ سپليمينٽري بجيٽ پيش ڪئي ويندي ۽ ڪو به نئون منصوبو بجيٽ ۾ شامل نه ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو هي ته، موجوده سنڌ اسيمبلي پنهنجو 5 سالن جو آئيني مدو پورو ڪري رهي آهي، انڪري مالي سال 2018-19 جي لاءِ مڪمل بجيٽ پيش نه ڪئي ويندي. نين ترقياتي اسڪيمن جو اعلان نه ڪندي، بجيٽ ۾ رڳو هلندڙ ترقياتي رٿائن لاءِ رقم مختص ڪئي ويندي، ملازمن لاءِ پگهارن جي مد ۾ مڪمل رقم رکي ويندي پر منظوري ٽن مهينن جي ڏني ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي اهتمام هيٺ چائنا-پاڪستان اسڪلڊ اينڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اقتصادي ڪونسل جو مقصد وفاقي حڪومت کي مشورا ڏيڻ آهي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اقتصادي ڪونسل واري اجلاس ۾ وفاقي حڪومت مختلف رٿائن لاءِ رقم مختص ڪرڻ ۾ ناانصافي ڪئي هئي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ لاءِ 150 ارب رپيا مختص ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ صوبي لاءِ 4.1 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا. هن چيو ته، اهڙي ريت آبپاشيءَ لاءِ 127.5 ارب رپيا رکيا ويا جنهن مان سنڌ لاءِ رڳو 300 ملين رپيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايڇ اِي سي ۾ وڏا ڪم ٿي رهيا آهن ۽ ان لاءِ 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ لاءِ رڳو 250 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. پاور سيڪٽر ۾ نئين رٿائن لاءِ 6 ارب رپيا مختص ڪيا ويا ۽ سنڌ لاءِ رڳو 125 ملين رپيا رکيا ويا آهن جيڪي صوبي جي ڪنهن ضلعي ۾ وليج اليڪٽرڪ فڪيشن لاءِ آهن. وڏي وزير چيو ته اهڙي ريت انهن سمورن شعبن ۾ سنڌ لاءِ تمام گهٽ فنڊ مختص ڪيا آهن جيڪا ناانصافي آهي. وڏي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 156 تحت اين اِي سي ميمبرن جو انگ 13 آهي جڏهن ته اجلاس ۾ 9 ميمبر موجود هئا ۽ اجلاس ۾ ٿيندڙ ڪارروائي کي ڏسندي 9 ميمرن مان 5 ميمبر واڪ آئوٽ ڪيو. وڏي وزير چيو ته اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪرڻ جو ڪارڻ اهو هو ته اسانجو موقف هو ته نيون رٿائون ايندڙ حڪومت لاءِ ڇڏيون وڃن، جنهن تي اجلاس کي چيو ويو ته ان بابت اين اِي سي مان منظوريءَ جي ضرورت نه آهي جنهن تي اسان ٽنهي وڏن وزير چيو ته جڏهن منظوريءَ جي ضرورت نه آهي ته اسانکي ڇو ويهاريو ويو آهي انڪري اسان اجلاس کان واڪ آئوٽ ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *