Thursday , April 25 2024

سنڌ جي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ مالي گهوٻيون هڻندڙ اشتهاري ڪمپني جو مالڪ ۽ يوسف ڪابورو ساٿي سميت ٻڌجي ويو

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ سماءَ واري کاتي ۾ پوڻان سوا 3 ارب رپين جي مالي گهوٽالي واري ڪيس جي ڀڄي ويل اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو کي هڪ اشتهاري ڪمپني جي مالڪ سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ڪراچي ڪرپشن الزام هيٺ سنڌ جي انفارميشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو سميت ٻن جوبدارن کي  اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدارن تي 3 ارب 20 ڪروڙ رپيا ڪرپشن الزام آهي. نيب، اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪري انفارميشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو ۽ اشتهار ڪمپني جي مالڪ انعام اڪبر کي 3 ارب 20 ڪروڙ ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ڪيو. نيب ريفرنس 17 ڄڻن تي داخل آهي، جنهن ۾ ضمانتون رد ڪرڻ کانپوءِ 12 جوابدارن کي گذريل سال 23 آڪٽوبر تي گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته هڪ جوابدار انيتا بلوچ فرار ۽ جوابدار فواد فوت ٿي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *