Friday , April 19 2024

سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي گئس ڪاٽڻ جي تياري، سيڪيورٽي لاءِ وفاقي اختيارين سان رابطو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماچار) سوئي سائودرن گئس ڪمپني پاران سنڌ جي وڏين سرڪاري اسپتالن جي گئس ڪاٽڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، ايس ايس جي سي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ لياري جنرل اسپتال، ٽراما سينٽر سول اسپتال، سروسز اسپتال ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ جا ڪنيڪشنز ڪاٽا ڪيا ويندا، دائرو ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن جي اسپتالن تائين وڌايو ويندو. ايس ايس جي ايس پاران سنڌ ۾ باقيدارن خلاف وڏي پئماني تي آپريشن جون تياريون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت پهريان صوبائي حڪومت جي باقيدار ادارن/ کاتن جان ڪنيڪشنز ڪاٽيا ويندا. ايس ايس جي ايس سي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اداري پاران پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي وڏين سرڪاري اسپتالن ۽ انهن جي ڪالونين / رهائشي آبادين جا گئس ڪنيڪشن ڪاٽيا ويندا، ڪراچي ۾ اڄ 15هين سيپٽمبر اڱاري ڏينهن کان آپريشن شروع ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. ايس ايس جي سي گئس ڪنيڪشنز ڪاٽا ڪرڻ لاءِ پنهنجي سموري تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ گورنمينٽ سروسز اسپتال، لياري جنرل اسپتال، ٽراما سينٽر سول اسپتال، اين آءِ سي ايڇ، سول اسپتال ڪراچي سميت ٻين ننڍين سرڪاري اسپتالن جي به فهرست تياري ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ موجود سرڪاري اسپتالن جي گئس ڪاٽڻ کانپوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ايس ايس جي سي گئس ڪنيڪشنز ڪاٽيا ويندا. ان سلسلي اهو به معلوم ٿيو آهي ته، گئس ڪنيڪشنز ڪاٽڻ دوران آپريشن دوران سيڪيورٽي لاءِ پوليس بدران رينجرز جي سيڪيورٽي حاصل ڪرڻ لاءِ به لاڳاپيل وفاقي اختيارين سان رابطا ڪيا ويا آهن، جتان ان سلسلي ۾ اڃا ڪو به جواب ناهي آيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *