Friday , March 29 2024

سنڌ جي دوري تي آيل وزيراعظم سنڌ حڪومت کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان سنڌ حڪومت کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ڪراچي پهتل عمران خان توڙي وفاقي حڪومت جي اختيارين دوري جي شيڊيول بابت وڏي وزير کي اطلاع ئي نه ڪيو. هڪ ڏينهن جي دوري تي رات دير سان ڪراچي پهتل وزيراعظم صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو وڏي وزير مراد علي شاهه  مرد علي شاهه کي اطلاع ئي نه ڪيو، نه ئي وفاقي حڪومت جي اختيارين وڏي وزير کي ٻڌايو. ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ تي وفاقي نمائندي ۽ سنڌ جي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن وزيراعظم جو استقبال ڪيو.  وزيراعظم گورنر هائوس ۾ گورنر عمران اسماعيل سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. عمران خان اڄ لاڙڪاڻي جو به دورو ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه کي ان دوري ۾ شرڪت جي به دعوت ناهي ڏني وئي.

ڪرونا جي وبا چوٽ چڙهيل، انڊس اسپتال 300 ملين رپيا  ملڻ باوجود ڪرونا جي مريضن لاڊ در بند ڪري ڇڏيا

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *