Tuesday , April 16 2024

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جي پهرين ڪاميابي! موڪلن جو شيڊيول تيار ڪري ورتو

تعليم کاتي جو صوبائي وزير سعيد غني هڪ  مهيني جي محنت بعد نيٺ ڪامياب، تعليمي ادارن ۾ موڪلن جو شيڊيول تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار ) سنڌ جي تعليم کاتي جو قلمدان ملڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ کاتي جي وزير سعيد غني جي ڪوششن نيٺ رنگ لاتو، هڪ مهيني جي بعد تعليم کاتي ۾ گرمين جي موڪلن جو شيڊيول ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرميءَ جون موڪلون 20 مئي کان 20 جولاءِ تائين ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير سعيد غني جي  تعليمي واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي موجب ايندڙ تعليمي سال ۾ گرمي جون موڪلون جون ۽ جولاءِ ۾ ئي ٿينديون. تعليم کاتي طرفان سنڌ ۾ اونهاري جي موڪلن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. جنهن مطابق هلندڙ سال سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ 20 مئي کان 20 جولاءِ تائين تعليمي ادارن ۾ موڪلون هونديون.مئٽرڪ جا امتحان30جون تائين جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته پهرين آگسٽ کان ڪاليجز ۾ تعليمي سال شروع ٿيندو.

تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ نثار کهڙو، سيڪريٽري اسڪول  ايجوڪڪيشن، ڪاليجز، بورڊز سميت لاڳاپيل اتيارين جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گذريل اجلاس جي منٽس جي منطوري ڏني وئي، جڏهن ته صوبي ۾ تعليمي سال 2020-21 جي 11 اپريل کان شروع ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

سعيد غني ميڊيا سانن ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ سال صوبي ۾ تعليمي سال پهرين اپريل کان شروع ٿيندو ۽ مارچ ۾ ختم ٿيندو. هاڻي رمضان شريف کي بُنياد بڻائي موڪلون اڳتي پوئتي نه ڪيون وينديون، تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون جون ۽ جولاءِ ۾ ٿينديون. اجلاس ۾ اهو  به فيصلو ڪيو ويو ته هن سال گرمي جون موڪلون 20 مئي کان 20 جولاءِ تائين هونديون. ايندڙ تعليمي سال اپريل مهيني کان شروع ٿيندو ۽ پهرين جون کان 30 جولاءِ تائين گرمي جون موڪلون ڪيون وينديون.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *