Thursday , March 28 2024

سنڌ جي تعليمي ادارن جو تقدس بچائڻ ۽ بهتر تعليمي ماحول لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو-سنڌ جون سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد( حميد ڪاشيگر جي ٿورن سان- سنڌسماءَچار) سنڌ جي سياسي اڳواڻن، ليکڪن، استادن ۽ شاگردن تجويزڏني آهي ته، يونيورسٽين ۾ شاگردن جي امتحانن جي لاءِ اهڙو نظام جوڙيو وڃي جنهن جو ڪائونٽر چيڪ به ٿي سگهي، مارڪن جي عيوض شاگردياڻين ۽ شاگردن کي بليڪ ميل ڪرڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪوششون وٺي شاگرد يونين تان پابندي هٽائي تعليمي ادارن ۾ ڀرتين، مقررين ۽ بدلين تي سياسي مداخلت کي مڪمل طور ٻنجو ڏنو وڃي. اهڙو اظهار سنڌ رائٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم طرفان حيدرآباد ڪلب ۾ ”درسگاهن جو تقدس بچايو“ جي عنوان سان ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ خطاب دوران ۽ گڏيل طور سامهون آيل تجويزن ۾ ڪيو ويو آهي. 1992 ۾ فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي شاگردياڻين به خط لکيا هئا. هن گهر ڪندي چيو ته ٽيچرس ايسوسيئيشن ختم ٿيڻ گهرجن،

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته اسان وٽ نوجوانن توڙي پروفيشنل فيلڊس ۾ ڪائونسلنگ جو ڪو به نظام موجود ناهي. پنهنجي گهر ۾ اسان اهڙو ماحول نه ٺاهيو آهي ته ڪا ڇوڪري پنهنجي پيءُ سان ڪا به ڳالهه ڪري سگهي. وي سي ۽ رجسٽرار پيپلزپارٽي جي سربراهه کي پئسا ڏئي اچن ته پوءِ انهن کي ڪهڙي اخلاقيات جو درس ڏئي سگهجي ٿو. آياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ هڪ اهڙي مرض جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي جنهن ۾ سنڌي ماڻهو چُڙي چُڙي مري رهيا آهن. اياز لطيف پليجو تجويز پيش ڪئي ته، يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين کان اڪيلائي ۾ واءِ وا وٺڻ بدران مرد استاد سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ ٻه عورت استاد هجڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ هڪ دفعو ڪو شاگرد فيل ٿئي ٿو ته ان شاگرد جو پيپر ساڳيو ئي استاد چيڪ نه ڪري. يونيورسٽين جي هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين کي مائٽن پاران ڪيش ۾ پئسا ڏيڻ بدران جديد قسم جو نظام متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن ان شاگردياڻي جو رڪارڊ سامهون ايندو وڃي. هن چيو ته هاسٽل جي وارڊن اهڙي رکي وڃي جنهن جو آفيسر شاهي ۽ ٻين اثر وارن ماڻهن سان رابطا نه هجڻ.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اي ايس پي ڄامشورو سهائي عزيز ٽالپر چيو ته منهنجي ڄامشورو ضلعي ۾ پوسٽنگ ٿيڻ شرط ئي سنڌ يونيورسٽي جو مسئلو منهنجي سامهون آيو. پوليس جو ڪم تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن ڪو ڏوهه ٿئي ٿو، سنڌ پوليس جي اها پاليسي آهي ته ڪو به ڏوهه ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ 700 استادن آهن. اها سوچ نه رکي وڃي ته جيڪڏهن انهن مان هڪ يا ٻن استادن جي شڪايت اچي ٿي يا انهن جي مٿان ڪو الزام ثابت به ٿي وڃي ٿو ته انهن هڪ يا ٻن استادن جي ڪري 700 استادن جي عزت ۽ احترام ختم نه ٿيندو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي سنڌ جو اهم تعليمي ادارو آهي، اسان کي هر صورت ۾ محفوظ بڻايو ويندو نه جيئن اتي نياڻيون آساني سان تعليم پرائي سگهن. اسان اهو عزم ڪيو آهي ته استاد جيڪو هو پيءُ جو رتبو رکي ٿو ۽ وري اهو ئي استاد پنهنجي طاقت جو غلط استعمال ڪري ٿو ان لاءِ ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو تقدس ۽ احترام بحال ڪرڻو آهي، اسان خراب ماڻهن کي ضرور ڪڍنداسين، اسان سنڌ يونيورسٽي کي محفوظ ڪنداسين ۽ امن جو گهر بڻائينداسين.

سينئر شاعر ۽ اديب سميع بلوچ چيو ته جيڪڏهن ڳالهائڻ واريون 10 نياڻيون سامهون اچن ته تبديلي اچي سگهي ٿي، شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ واري معاملي جو وي سي مک سبب ڳولي سگهي ٿو، پر هو سوٽا جي اڳيان مجبور آهي. سوٽا کيس بليڪ ميل ڪري رهي آهي. هن چيو ته استاد جي اسان وٽ تمام وڏي عزت آهي، پر سنڌ يونيورسٽي جي عزت بچائڻ لاءِ آخر ڪيترين نياڻين جون عزتون برباد ڪيون وينديون. سميع بلوچ جو چوڻ هو ته، ادارن کي ٺاهڻ بدران شخصيتون ٺاهيون پيون وڃن. هن چيو ته ترقي پسند هجڻ ۽ ترقي چاهڻ ۾ وڏو فرق آهي، ڪردار جي وڏي حيثيت هوندي آهي. نامياري راڳي بيدل مسرور چيو ته اڄ استاد ۽ شاگرد وچ ۾ جيڪو تعلق هو اهو ختم ٿي چڪو آهي. استاد ۽ شاگردن وچ ۾ احترام وارو رشتو نه رهيو آهي. هن چيو ته وائيس چانسلر فتح محمد برفت بهادر ماڻهو آهي، هو تمام گهڻو سخت به آهي، ڪجهه شين ۾ هن بهتريون به آنديون آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجهه ڪرڻ ڇاهي ٿو ته ان کي ڦاسائڻ لاءِ ضرور ڪجهه ڪوششون به ٿينديون، سوٽا به هن جي خلاف آهي ۽ اندروني طور تي اهڙو ڄار وڇايو ويو آهي. بيدل مسرور جو چوڻ هو ته يونيورسٽي ۾ حراسمينٽ سيل کليو، پر ان ڪو به نتيجو نه ڏنو آهي، پر هاڻ اسان وي سي کان اها اميد ڪيون پيا ته هو پاڻ مضبوط ٿئي ۽ يونيورسٽي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري، پوءِ ڀلي اها سوٽا هجي يا ٻي ڪا ڌر، هو ڪنهن جي به ڳالهه نه ٻڌي ۽ يونيورسٽي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته شاگردياڻي جو جيڪو خط مليو آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، سهائي عزيز ٽالپر اسان جي نياڻي آهي، پر هو هن قسم جي جاچ نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کان انتقام وٺڻ لاءِ هي سڀ ڪجهه ڪيو ويو آهي ته اهو نه ٿيڻ گهرجي.

پرفيسر آپا قمر واحد چيو ته شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ وارو مسئلو ڪو نئون ناهي، يونيورسٽي ۾ ايندڙ ماڻهو ڪي ڌوتل نه هوندا آهن، هي سماجي مسئلو آهي. يونيورسٽي ۾ ايندڙ ماڻهو به هن سماج مان ئي ايندا آهن، اسان جو ماحول ئي اهڙو جڙيل آهي جو اهڙا مسئلا ٿيندا رهندا. هن چيو ته هاڻ اسان کي سوچڻو پوندو ته اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا عملي قدم کڻي سگهجن ٿا. هن چيو ته 92ع ۾ فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي شاگردياڻين به خط لکيا هئا. هن گهر ڪندي چيو ته ٽيچرس ايسوسيئيشن ختم ٿيڻ گهرجن، سهائي ٽالپر ڇوڪرين سان ڳالهائي وئي آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته واقعي شاگردياڻين کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ٽيچرس ايسوسيئيشن کي اهڙن استادن کي پنهنجين صفن مان ٻاهر ڪڍڻ گهرجي، جيڪي شاگردياڻين کي هراسان ڪن ٿا. هن چيو ته اسان وٽ سيميسٽر نظام هلندڙ آهي، پر سيميسٽر نظام تڏهن هلندو جڏهن ايمانداري هوندي. هن چيو ته آئون ماروي هاسٽل جي جڏهن ڊين هيس ته منهنجي خلاف سازشون به ٿيون، پر آئون ڪنهن جي آڏو نه جهڪيس. هن چيو ته پنهنجا نواز پاليسي تحت يونيورسٽين جي وسيلن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو.

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ نسرين الطاف چيو ته شابس آهي انهن نياڻين کي جن همت ڪري شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ واري معاملي کي سامهون آندو. شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ وارو مسئلو تمام گهڻو پراڻو آهي. هن چيو ته اسان جو نظام برباد ٿيل آهي، نظام جي خرابي جي ڪري نائلا رند جهڙيون نياڻيون ڦاهيءَ چڙهنديون رهنديون. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته خبر ناهي اسان کي پنهنجي سماج جي خبر صرف سوشل ميڊيا تي پوي ٿي. سڄو سماج ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، حراسمينٽ گهرن ۾ به ٿيندي آهي، خاندان جا فرد به پنهنجي گهر جي ٻي فرد کي به هراسان ڪري ٿو. هن چيو ته غيرت وارو لفظ اسان جيڪو استعمال ڪيون ٿا اهو ڪو سياسي اصطلاح ناهي. هن چيو ته استادن جون تنظيمون آهن ته شاگردن جون تنظيمون ڇو ناهن، شاگرد يونين جو معاملو بنيادي آهي اهو اسان کي کڻڻ گهرجي، شاگرد پنهنجو ڪيس پاڻ وڙهي سگهن ٿا. هن چيو ته تعليمي جي نجڪاري وارو مسئلو به تمام اهم آهي، تعليم ته خانگي بڻجندي پئي وڃي، منظور ٿهيم ڳالهائيندي چيو ته تعليمي ادارن ۾ استادن جي اهليت کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، اسان جو نصاب عالمي ليول جو ناهي، ان ڪري نصاب ۾ تبديليون اچڻ گهرجن. هن چيو ته اسان جي سياسي تنظيمن به تعليمي ادارن کان لاتعلق اختيار ڪري ورتي آهي، شاگردن، عورتن ۽ ٻارڙن واري فرنٽ تي سياسي تنظيمون ڪم نٿيون ڪن.

مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻ پروفيسر محمد بچل سانگي چيو ته مونکي ڳالهائيندي شرم ٿو محسوس ٿئي ته هڪ پيءُ جي حيثيت رکندڙ استاد پنهنجي شاگرد نياڻي سان ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته استاد وٽ پنهنجن شاگردن جو مرتبو پنهنجي اولاد جهڙو هوندو آهي، پر بدقسمتي سان هتي هاڻ اهو رواج ختم ٿي ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو نياڻين سان زيادتيون ٿين پيون، هو قتل ٿين پيون ۽ اسان جي اجتماعي غيرت خبر ناهي ڪيڏانهن هلي وئي آهي.

منظور سولنگيءَ سيمينار ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان ۽ سنڌ جي ٻين سمجهدار دوستن اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي جي تازي صورتحال تي غور ويچار ڪجي ۽ سوچجي ته آخر هتي ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته شاگردن سان حراسمينٽ جا مسئلا ٿين ٿا، نائلا رند کي ڪٿي انصاف نه مليو ان ڪري هن خودڪشي ڪئي، سوشل ميڊيا ئي سڀ ڪجهه ناهي هوندي، پر اسان کي پنهنجي طرفان به معاملن کي صحيح رخ سان ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ هڪ طرف يونيورسٽي جي ريلي نڪتي ته ٻئي طرف شاگردن جي ريلي به نڪتي هئي وائيس چانسلر کي ان ريلي ۾ وڃي شاگردن سان ڳالهائڻ گهرجي ها، پر وي سي صرف پنهنجي ريلي ۾ نظر آيو. پروفيسر ممتاز ڀٽو چيو ته گرلس هاسٽل ۾ ٻاهرين ماڻهن جو وڏو عمل دخل رهيو آهي، سنڌ يونيورسٽي جو ڪو زمانو هو جڏهن شاگرد اڳواڻ به نياڻين جو تمام گهڻو خيال ڪندا هئا، هو شاگردياڻين جي عزت ۽ احترام جو تحفظ ڪندڙ هئا، آئون پاڻ هاسٽل جي پروويسٽ رهي آهيان، ڪيترن ئي معاملن تي مون اسٽينڊ ورتو. منظور سولنگي جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي سون جي کاڻ آهي، جنهن کي ماڻهو کوٽي کائي رهيا آهن. اسان سنڌ يونيورسٽي جي مالڪي ڪيون، باقي فيس بڪ جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪم نه ڪرڻ گهرجي.

سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته اسان کي سماجي طور تي هڪ لڪير ڪڍي نه بيهڻ گهرجي، معاملي جي سمورن پاسن کي ڏسڻ گهرجي. هڪ استاد جي ڪري سڀني استادن کي خراب نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ جنهن نموني سان شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ وارو معاملو اٿاريو ويو آهي اهو تمام گهڻو خطرناڪ آهي، ائين معاملي کي هوا ڏيڻ سان نياڻين جي تعليم متاثر ٿيندي، ماڻهو پنهنجين نياڻين کي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ نه موڪليندا، ان ڪري پنهنجين درسگاهن کي خراب نه ڪرڻ گهرجي. اسان پنهنجين يونيورسٽين جي مالڪي ڪيون، مسئلن کي هڪ ئي رخ سان ڏسڻ بجاءِ ڀلائي جي لاءِ تجويزون ڏيون. سينيئر پروفيسر ۽ دانشور عبدالمجيد چانڊيو چيو ته اسان جو سماج جنهن رخ ڏانهن وڃي پيو اسان ان تي ڪو به ڌيان نه پيا ڏيون. هن چيو ته اسان وٽ ميرٽ جي لتاڙ عام آهي، تعليمي ادارن ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته شاگرد نشانو ضرور بڻجندو آهي، پر ڪٿي وري استاد به نشانو بڻجي ٿو. هن چيو ته شاگرد يونين جو نه هجڻ ۽ شاگردن کي ذميواري نه ڏيڻ جي ڪري به مسئلا پيدا ٿين ٿا، يونيورسٽين ۾ جونيئر استادن تي نظر رکڻ گهرجي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عزيز ٽالپر چيو ته اسان جون نياڻيون سنڌ يونيورسٽي ۾ بليڪ ميل پيون ٿين، درسگاهن جو تقدس بچائڻ جي ڳالهه ڪرڻ بدران درسگاهن ۾ پڙهندڙ نياڻين جو تقدس بچائڻ جي ڳالهه ٿيڻ گهرجي ها.

هن چيو ته جن ريلي ۾ شاگردن کي اچڻ لاءِ بليڪ ڪيو انهن کي ظاهر ڪيو وڃي. هن چيو ته سوٽا ۽ وي سي به ڏوهارين کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن. پروفيسر عطا بلو چيو ته اسان جي استاد مان انسانيت ۽ شرافت نڪري چڪي آهي، اڄ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسرن تي الزام لڳي رهيا آهن، آئون پرفيسر سڏائڻ ۾ فخر ڪندو هوس، پر هاڻ سوچيا ٿو ته آئون ڪيئن پاڻ کي پروفيسر سڏايا. سنڌ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي جي شاگردياڻي فاطمه رند چيو ته جتي استادن جي حقن تي ڌاڙو لڳندو آهي ته اسان شاگرد استادن سان گڏ بيهندا آهيون، پر جتي شاگردن سان ناانصافي ٿئي اتي استاد شاگردن جو ساٿ نٿا ڏين. سنڌ يونيورسٽي ۾ سيف يونيورسٽي ريلي نڪتي، پر ان ريلي ۾ آندل شاگردن کي بليڪ ميل ڪيو ويو، استادن پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اهو چيو ويو ته اڄ اسان جي ريلي ۾ اسان جو ساٿ ڏيو سڀاڻ اسان توهان جو ساٿ ڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن يونيورسٽي جي تقدس پائمال ٿيڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي پر ڇا ان جي بدلي ۾ اسان شاگردياڻين جون زندگيون ڀلي پيون پائمال ٿين. شاگرد نادر حسين چانڊيو چيو ته شاگردن سان جڏهن به مسئلو ٿيو آهي اسان جا استاد اسان جو ساٿ نٿا ڏين، شاگردن سان مسئلو ٿئي ته ريلي يونيورسٽي طرفان شاگردن لاءِ ڇو نٿي نڪري. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ جيڪڏهن ڪا جاچ ٿئي ته ان کي روڪيو وڃي ٿو، وائيس چانسلر سهائي عزيز ٽالپر جي يونيورسٽي ۾ اچڻ تي به ناراض ٿيو ته اسان جي اجازت کان بغير هوءَ يونيورسٽي ۾ ڇو آئي آهي.

ان موقعي تي دستگير ڀٽي ڪانفرنس ۾ آيل تجويزون ۽ مطالبا پڙهي ٻڌايا، جڏهن ته سليم جمالي، رميش گپتا، شاگرد مقيم چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *