Saturday , April 20 2024

سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ 7 ارب رپين جي ڪرپشن، چيف انجنيئر روهڙي ڪئنال هاءِ ڪورٽ طلب

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ 7 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ روهڙي ڪئنال جي چيف انجنيئر ۽ نيب سکر جي اختيارين کي طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ آبپاشي کاتي ۾ 7 ارب رپيا کان وڌيڪ ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته آبادگارن جو سنڌ حڪومت کي ڪيترو فڪر آهي، اها سڀني کي خبر آهي، جن علائقن ۾ پاڻي ملندو ئي ناهي اتان جي انتظاميا کي ڪو فرق ناهي پوندو، آبادگار ڪٿي ڌڪا کائي رهيا آهن، اسان کي سڀ خبر آهي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت 6 جنوري تي شاخون بند ڪري رهي آهي، جنهن ڪري نيب کي 20 جنوري کانپوءِ انسپيڪشن ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ان معاملي کي سياسي نه بڻايو وڃي، اوهان چاهيو ٿا ته جن ماڻهن ڪروڙن جا گهپلا ڪيا انهن خلاف ڪارروائي نه ٿي؟، گهڻو ٿي ويو، هاڻ اهو ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين. نيب پراسيڪيوٽر، عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته شاخن ۾ پاڻي ڇڏي سروي کان روڪيو پيو وڃي ته جيئن جاچ نه ٿي سگهي. عدالت، شاخون بند ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي 28 ڊسبمر تي چيف انجنيئر روهڙي ڪئنال ۽ سکر نيب اختيارين کي طلب ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *