Friday , March 29 2024

سنڌ جون يونيورسٽيون:بااثر33 پروفيسر پڙهائڻ بدران انتظامي پوسٽن کي چنبڙيل

Sindh uni 2Sindh-Agriculture-University-Logo

حيدرآباد(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ انتظامي عهدن تي ويٺل 33 پروفيسرز کي انتظآمي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙن سمورن بااثر پروفيسرز جي فهرست پيش ڪئي وئي آهي جيڪي پڙهائڻ بدران ڪيترن ئي ورهين کان ان تظامي عهدن تي ويٺل آهن.

جي تعليمي ادارن خاص طور وڏين يونيورسٽيز ۾ سياسي اثر رسوخ تي من پسند پروفيسرن کي انتظامي عهدا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته عدالت پي ايڇ ڊي رکندڙ ۽ انتظامي عهدا رکندڙ پروفيسر هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر عبدالحفيظ ابڙو وٽ ڊائريڪٽر مينٽيننس، ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري وائيس چانسلر، انچارج فارين فيڪلٽي، انچارج گيسٽ آفيس، انچارج وائيس چانسلر هائوس، انچارج سيڪريٽريٽ وهيڪل، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي هاڻوڪي پروفيسر محمد سليم چانڊيو وٽ 10 انتظامي عهدا موجود آهن. جيڪو اڳ ۾ 21هين گريڊ ۾ پروفيسر موجود آهي، جيڪو هِن وقت رجسٽرار سان گڏ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس، پرو وائيس چانسلر مٺي ڪئمپس، فوڪل پرسن ٽنڊوالهيار ڪئمپس، ڪنوينر ٽيسٽنگ سينٽر، انچارج پلي گريزم ڪاميٽي، ميمبر سينڊيڪٽ سان گڏ سيڪريٽري سليڪشن بورڊ پڻ آهي. جڏهن ته اسسٽنٽ پروفيسر امير علي ابڙو وٽ 7 اضافي پوسٽون آهن، جيڪو ڪنسلٽنٽ وي سي، ميمبر ڪاميٽيز، ذاتي ايڊوائيزر، وائيس چانسلر ۽ فنانشنل، ٽرانسپورٽ سيڪيورٽي انچارج ٽينڊر آهي.

Sindh uni 1

اهڙي ريت اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو انچارج پبلڪ رليشن سيڪشن، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر، پروفيسر ڊاڪٽر منير سومرو ڊين فيڪلٽي ڪامرس اينڊ بزنس، انچارج سنڌ يونيورسٽي پيٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشن، ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس فنانشنل، پروفيسر انيل ڪمار ڀاٽيا چيئرمين سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، ڊاڪٽر عاشق جهتيال ڊائريڪٽر پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊيز، ڊاڪٽر رفيق لاشاري، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، شهزاد ميمڻ ڊائريڪٽر ڪيو اِي سي، نيڪ محمد شيخ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف فزڪس، ڊائريڪٽر ريسرچ ۽ ڪمرشلائيزيشن، ايڊووڪيٽ جهمٽ مل ڄيٺانند، ڊين فيڪلٽي آف لا جيڪو سنڌ يونيورسٽي جو ريگيولر ملازم آهي نه وري فيڪلٽي جو ميمبر آهي. جڏهن ته فدا چانڊيو ڊائريڪٽر ايسٽيجز، پروفيسر مهر علي قاضي ميمبر سينڊيڪيٽ، انچارج پلانٽيشن، ڊاڪٽر اڪبر مغل ڊين ميچرل سائنسز، پروفيسر غلام مرتضيٰ کوسو سيڪريٽري وائيس چانسلر، ڊاڪٽر ذوالفقار لغاري ڊائريڪٽر اسٽڊيز افيئرس، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ مستوئي ڊائريڪٽر ٽيڪنالاجي ريسرچ، ڊائريڪٽر سنڌ يونيورسٽي اسٽاپ هائوسنگ اسڪيم، ڪريم بخش لاشاري مئنيجر اسٽيٽ، مشتاق احمد ميمڻ فنانس ايڊوائيزر، محمد عثمان منگي ڊائريڪٽر اسٽيٽ مقرر آهن. جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر منور رشيد رجسٽرار، ڊاڪٽر عرفان عزيز امتحانن وارو ڪنٽرولر، ڊاڪٽر ماجد ممتاز ڊائريڪٽر ڪيو اِي سي، ڊاڪٽر مطهر شيخ سيڪريٽري افيليشن ڪاميٽي، ڊاڪٽر موئيز خان ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس، شاهه علي قادر سيڪريٽري لينڊ اسڪيپ، ڊاڪٽر محمد زبير ايڊوائيزر سيڪيورٽي افيئرس اينڊ ڪئمپس آفيسر، ڊاڪٽر نديم ميمڻ انچارج سيمسٽر سيل، ڊاڪٽر احمد قادري ڊائريڪٽر ايڊميشن ۽ ڊاڪٽر عابد حسين ڊائريڪٽر ايوننگ پروگرام مقرر آهن.

petrol pumlatif uni

اهڙيءَ ريت شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي لسٽ پڻ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ رجسٽرار بڻيل پروفيسر اسد رضا عابدي وٽ 3 عهدا موجود آهن، جيڪو رجسٽرار، ڊائريڪٽر ايڊميشن ۽ ايڊيشنل ايڊميشن جي پوسٽن تي ويٺل آهي. جڏهن ته الطاف ڀٽو ڊائريڪٽر فنانس، انسپيڪٽر آف ڪاليج، امتحانن وارو ڪنٽرولر، ايڊيشنل ڪنٽرولر، جيڪو پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ونگ ۾ ڊائريڪٽر پلاننگ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل جي عهدن تي ويٺل آهي. جڏهن ته عبدالرزاق مهر ڪيو اِي سي ۾ ڊائريڪٽر، پروفيسر غلام محي الدين ويسر، ڊائريڪٽر پي ڊي ايف، جڏهن ته ڊاڪٽر حسن جاويد سومرو چيئرمين جيم خانه ڪاميٽي، ڊاڪٽر محمد حسن خاصخيلي چيئرمين بلڊنگ، ڊاڪٽر ذوالفقار علي شاهه چيئرمين ڪالوني، احسان علي سومرو انچارج بيوٽيفڪيشن، جڏهن ته ڊاڪٽر تاج محمد لغاري ميڊيا ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيل آهي. جڏهن ته ان ڏس ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن جي لسٽ پڻ جمع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي رجسٽرار، ڊاڪٽر رضوان علي ميمڻ ڊائريڪٽر هيومنسز، آغا فيصل حبيب ڊائريڪٽر ايڊميشن، ڊاڪٽر رضوان احمد ميمڻ ڊائريڪٽر ايم آءِ ايس ۽ ڊاڪٽر آصف علي شاهه ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪيو اِي سي مقرر ڪيل آهي. ان ڏس ۾ عدالت نائلا رند ڪيس جي شنوائي ڪئي ته وڪيلن ڄاڻايل يونيورسٽين جي لسٽ پڻ جمع ڪرائي، جنهن تحت ڄاڻايل پروفيسرن جي يونيورسٽيز مان وري انڪوائري ڪري کين سندن عهدن تان هٽائي پروفيسر ئي مقرر ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *