Tuesday , April 16 2024

سنڌ! جتي ٻچڙا علاج نه ٿيڻ سبب امڙين جي جهولين ۾ تڙپي تڙپي مرن ٿا

اي آر وي سينٽر لاڙڪاڻو ۾ ڪتي جي چڪ واري ويڪسين اڻلڀ، نينگر تڙپي تڙپي فوت

لاڙڪاڻو ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي اي آر وي سينٽر ٻاهران ويڪسين نه ملڻ سبب 10 ورهين جو نينگر ماءُ جي جهولي ۾ تڙپي تڙپي مري ويو. شڪارپور جي ڳوٺ دائود ابڙو واسي 10 سالن جو نينگر مير حسن ابڙو کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي سندس ويڪسين ڪرائڻ لاءِ اي آر وي سينٽر لاڙڪاڻي آندو ويو. نينگر ميرحسن ابڙو ويڪسن ملڻ جي انتظر ۾ سينٽر ٻاهران پنهنجي امڙ جي جهولي ۾ پيل رهيو جتي هُو ڪيتري ئي در تڙپندو رهيو. وارثن جو چوڻ آهي ته، اي آر وي سينٽر جي انچار ڊاڪٽر قاضي نورالدين چيو ته ڪتي جي چڪ واري ويڪسين ناهي، ٻاهران خانگي ميڊيڪل اسٽور تان ويڪسين وٺي اچو ته هُو ويڪسين لڳائيندا، نينگر جي وارثن موجب هُو غريب آهن ۽ ويڪسين خريد نه ڪري سگهيا، هنن مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هُو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. ان دوران ڪيتري ئي دير تائين نينگر مير حسن ابڙو پنهنجي جيج ماءُ جي هنج ۾ پيل رهيو ۽ موت ڏانهن وڌندو رهيو نيٺ امڙ جي جهولي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي  ڪيو.

سنڌ حڪومت مالي سال 2019 ۽ 2020 جي بجيٽ ۾ سنڌ جي اسپتالن لاءِ هڪ سئو ارب رپين کان  وڌيڪ جي بجيٽ رکي جنهن باوجود اسپتالن ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين سميت ٻين موذي بيمارين جون ويڪسينز ۽ مخصوص دوائن جي سخت کوٽ موجود آهي، اسپتالن ۾ موجود ايمبولينسز به ايستائين مريضن کي مهيا ناه ٿيون ڪيون وڃن  جيستائين ايمبولينس جي تيل جي مد ۾ مريصن يا سندن وارثن کان پئسا وصول نه ٿا ڪيا وڃن، اهڙُ هڪ واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ ميرپورخاص سول اسپتال ۾ به پيش آيو هو، جتو هڪ معصوم نينگر علاج دوران فوت ٿهي ويو هو ۽ سندس لاش ڳوٺ کڻي وڃڻ کاءِ جڏهن ايمبوينس گهري وئي ته کائن اسپتال انتطاميا ٻه هزار رپيا گهريا جيڪي هُو نه ڏئي سگهيا، نينگر جو واللد ۽ هڪ مائڻ  لاش موٽرسائيڪل تي کڻائي وڃي رهيا هئا ته روڊ حادثي ۾ اهي ٻئي ڄڻا به فوت ٿي ويا هئا.

سنڌ حڪومت + 2000 رپيا+ سرڪاري ايمبولينس = ٽي انساني حياتيون موت حوالي

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *