Saturday , April 20 2024

سنڌ جا ماڻهو مڙي مُٺ ٿين ته ڀوتارن کي هارائي سگهجي ٿو: ٽي پي پي سربراهه علي قاضي

شڪارپور( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تبديلي پسند پارٽي / ٽي پي پي؛ جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته ڏهاڪن کان جاري ڀوتارڪي ذهنيت ختم ٿي سگهي ٿي، ان جو هڪڙو ئي حل آهي ته سڄي سنڌ کي هڪ ٿيڻو پوندو ۽ ووٽ وسيلي اهڙي حڪومت ٺاهڻي پوندي جيڪا ماڻهن جا مسئلا حل ڪري. علي قاضي چڪ شهر ۾ هڪ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته چڪ جا ماڻهو جيڪڏهن گڏيل سگهه سان الگ فيڊر هڻائي سگهن ٿا ۽ مست ايس ايڇ او چُلبُل پانڊي کي هٽرائي سگهن ٿا ته پوءِ سڄي سنڌ جا ماڻهو گڏجي گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. علي قاضي چيو ته هر ماڻهو سنڌ جي خوشحالي چاهي ٿو، رڳو اهو چون ٿا “پر ڪيئن” اسان کي اها پر ڪڍڻي  پوندي، ڀوتار ڪنهن به پارٽي ۾ اچن پر انهن جي ذهنيت نٿي بدلجي، اسان کي اها سوچ مٽائڻي پوندي، مان يقين سان چوان ٿو ته سنڌ جا ماڻهو 420 ڀوتارن کي ملهه ماري ويندا، هاڻي ووٽ برادرين ۽ سياسي قرضن بجاءِ سنڌ لاءِ ڏيڻو پوندو، سنڌ جي اليڪشن ايجنڊا تي ماڻهن جا مسئلا اچڻ گهرجن.

تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته ڇهن مهينن کانپوءِ اليڪشن جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، اسان کي اهو ڏينهن تبديلي لاءِ ملهائڻ گهرجي ۽ لکين ڪروڙين ماڻهو جڏهن اليڪشن جو ڏهاڙو ملهائي تبديلي لاءِ ووٽ ڪندا ته پوءِ اسان جي ايندڙ نسل کي اهڙا ڏينهن نه گذارڻا پوندا جهڙا اسين ڀوتارن سان گذاريون ٿا. ان موقعي تي تبديلي پسند پارٽي جي اڳواڻن محبوب سومرو، مسعود وساڻ، علي شير مهر، محبوب مري، نجم الدين مهر، انور قاضي ۽ همير چانڊيو پڻ خطاب ڪيو، ان کان اڳ تبديلي پسند قافلي جي چڪ پهچڻ تي ڀرپور آجيان ڪئي وئي

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *