Thursday , March 28 2024

سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ماتحت عدالتن جي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي / ٺٽو (رپورٽرز  سنڌسماءَچار) سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. صلاح الدين گنڊاپور چيو آهي ته گم ڪيل ماڻهن جو ڪو ڏوهه آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن ڪراچي، ٺٽي، ٺل ۽ ٻين شهرن وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو. ڪراچي جي عدالتن ۾ وڪيلن جي هڙتال جزوي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿي نه سگهيون آهن. ڪراچي جي بار ايسوسئيشن جي صدر حيدر امام رضوي چيو ته موجوده صورتحال ۾ خاموش ويهڻ مناسب ناهي، ماڻهون عدالتن ۾ چڪر لڳائڻ تي مجبور آهن  پر سندن ڪوبه دانهن ٻڌڻ  لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته گم ڪيل سياسي ڪارڪنن واري معاملي بابت نگران وڏي وزير سان ملاقات ڪنداسين ۽ جلد ايندڙ حڪمت عملي به جوڙي ويندي. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين صلاح الدين گنڊاپور چيو ته ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته سياسي ڪارڪن سالن کان گم آهن، پتو نٿو پوي ته اهي ماڻهو ڪٿي آهن، هن چيو ته ٻين ملڪن جي وڪيلن به گم ڪيل سياسي ڪارڪنن  واري مسئلي تي رابطا ڪيا آهن. صلاح الدين گنڊاپور چيو ته اسان گم ڪيل ماڻهن واري مسئلي بابت معاشري جي ٻين طبقن کي به شامل ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *