Thursday , March 28 2024

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران غير قانوني پرڏيهين کي شريت خلاف 9 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ مرحليوار تحريڪ جو اعلان

ڪراچي (آفاق ڀٽي چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) ايس يو پي ۽ جسقم سميت قومپرست پارتين پاران، سنڌ ۾ غير قانوني طريقي سان آباد پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حيدر منزل تي سيد جلال محمود شاهه جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، پهرين مرحلي ۾ 9 ڊسمبر تي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا.

قومپرستن پارٽين ڌارين جي آبادڪاري خلاف گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪندي 9 ڊسمبر تي ضلعي سطح تي علامتي بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڳواڻن چيو آهي ته ڪنهن به پرڏيهي کي قانوني حيثيت ڏيڻ سنڌ جي قومي وحدت ۽ بقا خلاف سازش سمجهي ويندي. ڪراچي ۾ حيدر منزل تي ايس يو پي جي سربراهه جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ قومپرست پارٽين جي برمين ، بنگالين ۽ افغانين سميت ٻين پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ واري مسئلي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي.

سنڌ يونائيٽيڊ پارتي جي ميزباني هيٺ حيدر منزل تي ٿيل اي پي سي ۾ صنعان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مير عالم مري، امان شيخ، نواز خان زئنور، علي نواز ٻٽ، قمر ڀٽي، مظهر راهوجو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اي پي سي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 9 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي برمين، بنگالين ۽ افغانين کي شهريت ڏيڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي. اي پي سي ۾ سڀني پارٽين جو گڏيل پليٽ فارم “سنڌ ايڪشن ڪميٽي” جي نالي سان جوڙيو ويو، جنهن جو سموريون پارٽيون ۽ دانشور حصو هوندا. اي پي سي ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به پرڏيهي آبادي کي قانوني حيثيت ڏيڻ سنڌ جي قومي وحدت ۽ بقا جي خلاف سازش سمجهي ويندي ۽ ان خلاف سنڌ جون سموريون قومي سوچ رکندڙ پارٽيون هڪ پليٽ فارم تان جدوجهد ڪنديون. ان موقعي تي ڳالهائيندي جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ هڪ تاريخي قومي وحدت طور پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي ۽ ان وفاق اندر سنڌ کي پنهنجي ڊيموگرافي جي تحفظ جو آئيني حق حاصل آهي.

هن چيو ته سنڌ جي ڊيموگرافي جو سوال سنڌ جي قومي مفادن جو اهم حصو آهي، جنهن جي ڪري سنڌي ماڻهو ڪنهن به ڌاري آبادڪاري کي قبول نه ڪندا. اي پي سي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ رهندڙ برمين، بنگالين ۽ افغانين کي پرڏيهي طور رجسٽر ڪري محدود حدن اندر  ڪئمپن ۾ رهايو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت 35 لک افغان پناهگيرن کي واپس سندن ڏيهه اماڻڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

حيدر منزل تي ٿيل آل پارٽيز اجلاس ۾ صنعان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر مير عالم مري، امان الله شيخ، نواز خان زنئور، علي نواز ٻٽ، قمر ڀٽي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مظهر راهوجو، نواز شاهه ڀاڏائي، فتاح چنه، نور احمد ميمڻ، خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي، اسلم بلوچ، ڊاڪٽر علي رند ۽ سول سوسائيٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *