Friday , April 19 2024

سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ۽ مخالف ڌر هڪ ٿي ويا! وڏي وزير، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 102 سيڪڙو تائين واڌ تي متفق

speakerdeputy speaker

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي وڏي وزير، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 102 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. روڊ يا هوائي جهاز حادثي ۾ ڪنهن به ميمبر جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ وارثن کي 50 لک رپين تائين معاوضو ڏنو ويندو. وڏي وزير کي سرڪاري رهائشگاهه هجڻ باوجود هائوس رينٽ جي مد ۾ 70 هزار رپيا هر مهيني ڏيڻ ملندا. سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل اهڙي بل تحت وڌايل سمورا الائونسز پهرين جولاءِ 2016ع کان لاڳو ٿيندا.

سينيئر وزير نثار کهڙي چيو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ ايم پي ايز جي پگهار ساڍا 3 لک رپين کان وڌيڪ آهي ۽ ڪي پي ڪي جي پگهار به وڌيڪ آهي، سنڌ جي ايم پي ايز جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 2013ع ۾ واڌ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هاڻي واڌ ڪري رهيا آهيون ۽ اهڙي واڌ جي گهر سمورن ايم پي ايز ڪئي.

ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سينيئر وزير نثار کهڙي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ وارو سنڌ لاز ترميمي بل 2016ع پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. بل تحت ايم پي ايز جي پگهار ۽ الائونسز جيڪي اڳ ۾ 74 هزار 520 رپيا هئا، انهن ۾ واڌ ڪري انهن کي هڪ لک 32 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ ٽريولنگ ۽ ٻيا الائونسز به الڳ سان ملندا، پارلياماني سيڪريٽرين جي پگهار ۽ الائونسز جيڪي اڳ ۾ مجموعي طور تي 28 هزار 836 رپين مان وڌائي هڪ لک 66 هزار رپيا ڪيا ويا آهن. وڏي وزير جي خاص مددگارن جي پگهار ۽ الائونسز جيڪي اڳ ۾ 52 هزار 300 رپيا هئا، انهن کي وڌائي هڪ لک 76 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. صلاحڪارن جي پگهار ۽ الائونسز اڳ ۾ 47 هزار 400 رپين مان وڌائي هڪ لک 76 هزار رپين تائين ڪيا ويا آهن.

سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل بل مطابق وزيرن جي پگهار ۽ الائونسز جيڪي اڳ ۾ مجموعي طور تي 2 لک 42 هزارن تائين هئا پر اڳ ۾ هڪ لک رپيا آفيس ۽ 60 لک رپيا گهر جي مرمت لاءِ سال ۾ هڪ دفعو ڏنو ويندو هو پر هاڻي هر مهيني 50 هزار رپيا يعني سال ۾ 6 لک رپيا مرمت جي مد ۾ ڏنا ويندا.

Cm-Murad-Ali-Shah-Assembly-SpeechMQM in assembly

وڏي وزير جي پگهار ۽ الائونسز جيڪي اڳ ۾ 48 هزار 550 هئا، انهن ۾ واڌ ڪري 3 لک 12 هزار ڪيو ويو آهي، اسپيڪر جي پگهار ۽ الائونسز اڳ ۾ هڪ لک 44 هزار 470 رپيا هئا، جيڪي وڌائي 3 لک 94 هزار رپيا ڪيا ويا آهن. ڊپٽي اسپيڪر جي پگهار ۽ الائونسز جيڪي اڳ ۾ هڪ لک 30 هزار رپيا هئا، اهي وڌائي 2 لک 71 هزار رپيا ڪيا ويا آهن.

منظور ڪيل بل موجب ايم پي ايز جي موجوده 24 هزار رپين واري پگهار ۾ واڌ ڪري 50 هزار رپيا ڪيو ويو، پارلياماني سيڪريٽرين جي پگهار 10 هزار 190 رپين مان وڌائي 60 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. خاص مددگار جي پگهار 17 هزار مان وڌائي 70 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. صلاحڪارن جي پگهار 30 هزار مان وڌائي 75 هزار رپيا ڪئي وئي، وڏي وزير جي پگهار 35 هزار مان وڌائي ڏيڍ لک رپيا، اسپيڪر جي پگهار 80 هزار مان وڌائي ڏيڍ لک رپيا ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهار 70 هزار مان وڌائي هڪ لک 40 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ايم پي ايز جي سمچوئري الائونس کي 4800 مان وڌائي 10 هزار رپيا ڪيو ويو.

خصوصي معاون جو الائونس 4 هزار مان وڌائي 10 هزار ڪيو ويو، صلاحڪارن جو الائونس 5 هزار مان وڌائي 10 هزار، وزيرن جو الائونس 9 هزار مان وڌائي 20 هزار، ڊپٽي اسپيڪر جو الائونس 8 هزار 400 رپين مان وڌائي 20 هزار رپيا، اسپيڪر جو الائونس 8 هزار 400 رپين مان وڌائي 20 هزار رپيا ۽ وڏي وزير جو الائونس 13 هزار رپين مان وڌائي 20 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.

ٽيليفون ۽ موبائيل الائونس ۾ به واڌ ڪئي وئي، ان الائونس ۾ ايم پي ايز جو الائونس 5 هزار رپين مان وڌائي 10 هزار رپيا ڪيو ويو، جڏهن ته صلاحڪارن ۽ وزيرن جو ان الائونس جي ڪابه حد مقرر ناهي ڪئي وئي. ايم پي ايز جي هائوس رينٽ جي الائونس کي 16 هزار مان وڌائي 45 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. پارلياماني سيڪريٽرين جو اهو الائونس 13 هزار 646 رپين مان وڌائي 45 هزار رپيا، خصوصي معاون جو الائونس 11 هزار رپين مان وڌائي 45 هزار رپيا. صلاحڪارن جو الائونس 22 هزار رپين مان وڌائي 45 هزار رپيا، وزيرن جو الائونس 39 هزار مان وڌائي 55 هزار رپيا، ڊپٽي اسپيڪر جو الائونس 50 هزار مان وڌائي 60 هزار رپيا، اسپيڪر جو الائونس 55 هزار 300 رپين مان وڌائي 70 هزار رپيا ۽ وڏي وزير جو اهو الائونس 70 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح وڏي وزير کي سرڪاري رهائشگاهه مليل آهي، ان باوجود کيس 70 هزار رپين جو هائوس رينٽ به ڏنو ويو آهي. ايم پي ايز کي گاڏين جي تيل جو الائونس 8 هزار رپين مان وڌائي 15 هزار رپيا ڪيو ويو، جڏهن ته پارلياماني سيڪريٽرين لاءِ مهينو 400 لٽر تيل مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح خصوصي معاونن لاءِ مهينو 360 لٽرن مان وڌائي 400 لٽر ڪيو ويو، صلاحڪارن جي حد 360 لٽرن مان وڌائي 400 لٽر ڪئي وئي. وزيرن جو تيل واري حد 400 لٽرن مان وڌائي 500 لٽر ڪئي وئي. اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وڏي وزير لاءِ تيل جي حد مقرر ناهي ڪئي وئي.

Shehla-Raza-sindh-assembly

اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ واري ڊيلي الائونس ۾ ايم پي ايز جو الائونس 880 رپين مان وڌائي 1000 رپيا ڪيو ويو، پارلياماني سيڪريٽرين جو الائونس به 1000 رپيا مقرر ڪيو ويو، وزيرن جو الائونس 550 رپين مان وڌائي 1500 رپيا، وڏي وزير جو الائونس 550 رپين مان وڌائي 2 هزار رپيا، اسپيڪر جو الائونس 770 رپين مان وڌائي 2 هزار رپيا ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو الائونس 770 رپين مان وڌائي 1500 مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ايم پي ايز، صلاحڪارن، خاص معاونن، پارلياماني سيڪريٽرين، وزيرن، وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ بل ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن حادثي ۾ ڪنهن جو موت ٿيو ته ان جي وارثن کي 50 لک رپين جو معاوضو ڏنو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *