Thursday , April 18 2024

سنڌ اسيمبلي ۾ نواز شريف خلاف ٺهراءُ منظور، معافي وٺڻ جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ نواز شريف جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ  جي متن ۾ چيو ويو ته نواز شريف بيان واپس وٺي قوم کان معافي گهرڻ گهرجي، هن جي بيان سان قوم جي دل آزاري ٿي آهي. پ پ ، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ جي ميمبرن پاران گڏيل طور نواز شريف جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءَ ايوان ۾ پيش ڪيو، جيڪو اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو نواز شريف کي بيان سان قوم جي دل آزاري ٿي آهي.  متحده ايم پي اي جمال احمد بجيٽ تي تقرير ڪندي چيو ته ڪي ڊي اي جي زمين تي قبضا ٿي رهيا آهن، منهنجي زمين تي به قبضو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪوششون ڪري ٿڪجي پيو آهيان پر قبضو ختم ٿي نه سگهيو آهي. سپريم ڪورٽ کي مڪاني کاتي ۾ ڪرپشن بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پ پ ميمبر خيرالنساءَ مغل چيو ته گورک هل اسٽيشن تي بهتر ڪم ڪيو ويو آهي، جتي گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.ايوان ۾ بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *