Thursday , April 25 2024

سنڌ اسيمبلي: حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ لفظن جي جنگ

ڪراچي( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ عمران خان کي سيليڪٽر وزير اعظم قرار ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز هڪٻئي تي الرون ڪيون، جڏهن ته پ پ ميمبر پروين بشير پاران مخالف ڌر جي ميمبر کي چمچو قرار ڏيڻ تي اپوزيشن اسپيڪر جي ڊائيس آڏو احتجاج ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جِي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اڄ بجيٽ سيشن بدران اپوزيشن ميمبر ڪراچي ۾ ٻارڙن جي اغوا واري معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي ڪراچي ۾ ٻارڙن جي اغوا واري معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري، جنهن تي اسپيڪر کيس اجازت نه ڏني.

اپوزيشن ليڊر  فردوس شميم نقوي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل جي اسپيڪر آغا سراج دراني سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. پيپلز پارٽي جي ذوالفقار شاهه چيو ته پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندڙن پهريان پنهنجي اندر جهاتي پائين، وفاقي وزير فواد چوڌري تصوير ۾ ماکي پيئندي نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته سليڪٽيڊ وزير اعظم سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪري، پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي پڇڙي ۾ زمين تباهه ٿي رهي آهي. ايوان ۾ ذوالفقار علي شاهه جي بيان تي مخالف ڌر جي ميمبرز سخت احتجاج ڪيو، جنهن دروان ڇڪتاڻ وارو ماحول ٿي ويو. حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس آڏو احتجاج ڪندي هڪٻئي تي الرون ڪندا رهيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *