Friday , March 29 2024

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس: وڏي وزير جو غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري جي گمشدگي تي احتجاج، مراد علي شاهه نواب لغاري جو ذڪر ئي نه ڪيو

Ghulam Qadir Marri 2Nawab Laghari

وڏي وزير مراد علي شاهه آصف زرداري جي گم ٿيل ساٿين غلام قادر مري ۽  اشفاق لغاري جا نالا کڻي سندن گمشدگي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، اکين ڏٺن شاهدن موجب غلام قادر مري کي ڄامشورو ويجهو ٻن گاڏين ۾ سوار ماڻهن کنڀيو، سندن هٿن ۾ واڪي ٽاڪيز به هيون، مراد علي شاهه گم ٿيل نواب لغاري جو پنهنجي تقرير ۾ ڪو به ذڪر نه ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران تقرير ڪندي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گم ٿيل ٽن ساٿين مان ٻن ڄڻن غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري جا نالا کڻي سندن گمشدگي جي مذمت ڪئي آهي.

وڏي وزير سنڌ اسميبلي ۾ تقرير دوران اسلام آباد مان گم ٿيل اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي نواب لغاري جو ڪو به ذڪر نه ڪيو.

سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، آصف زرداري جي ٻن ساٿين غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري کي گم ڪرڻ وارن واقعن جي مذمت ڪيان ٿو.

 هن چيو ته غلام قادر مري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تان واپس هيدر آباد ايندي، 7 اپريل تي ڄامشورو ڀرسان گم ٿي ويو.

CM

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته، غلام قادر مري جي اغوا بابت اکين ڏٺن شاهدن موجب غلام قادر مري کي ڄامشورو ويجهو ٻن گاڏين ۾ سوار 12 کان 14 ماڻهن کنڀيو، جن ماڻهن غلام قادر مري کي کنڀيو انهن جي هٿن ۾ واڪي ٽاڪيز به هيون.

مراد علي شاهه چيو ته اشفاق لغاري 3 اپريل تي رات ساڍي نائين وڳي ڪراچي کان حيدر آباد ويندي سپر هاءِ وي تان گم ٿيو، سندس گاڏي گڏاپ ويجهو ڪوئٽا هوٽل وتان لاوارث حالت ۾ هٿ آئي.

 وڏي وزير مراد علي شاهه غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري کي گم ڪرڻ وارن ٻنهي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته، جيڪڏهن انهن کي ڪنهن به اداري کنيو آهي ته، کين آئين ۽ قانون موجب کين ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *