Wednesday , April 24 2024

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس: نثار کهڙو ٿر ۾ امن امان بابت التوا جي رٿ جي مخالفت ڪري پيش ڪرڻ نه ڏني

ڪراچي ( رپورٽر         سنڌ سماءَ چار ) سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير نثار احمد کهڙو پاران ٿر ۾ امن امان جي صورتحال تي التوا واري رٿ جي مخالفت ڪرڻ کانپوءِ رٿ کي ضابطن خلاف قرار ڏئي رد ڪيو ويو، ايڪسائيز کاتي پاران آگاهي ڏني وئي ته جعلي شراب جون 12 هزار بوتلون، 13 هزار 3 سئو ليٽر ڪچو شراب ۽ 2 سئو 89 ڪُپيون هٿ ڪيون آهن. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا ويا. ڪچي شراب واري معاملي تي سوالن جوابن دوران فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته گهرن ۾ ڪچو شراب تيار ڪيو پيو وڃي ۽ شراب جي وڪري ۾ واڌ ٿي رهي آهي.امير حيدر شاهه چيو ته سندس تڪ ۾ شراب پاڻي جيان تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. ايڪسائيز واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ميمبرز جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته 2 سئو ڪُپيون، 12 هزار جعلي شراب جون بوتلون ۽ 13 هزار 3 سئو ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو آهي.

اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ايڪسائيز کاتو جتي وڃي اتي گهرن ۾ مٽڪا ڀڃي ڇڏي، جنهن سان خبر پوندي ته شراب آهي يا نه. ڪامران اختر سوال ڪيو ته ڪچي شراب ۽ پڪي شراب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني جواب ڏنو ته سيف الدين خالد ٻڌائي سگهي ٿو، هو ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آغا سراج دراني ايڪسائيز واري وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته مڪيش صاحب ٻڌائيندا ته شراب ڪيئن تيار ٿيندو آهي؟ مڪيش ڪمار چاولا جواب ڏنو ته جيڪو گهرن ۾ تيار ۽ وڪرو ٿئي ٿو اهو ڪچو شراب ۽ رجسٽرڊ دڪانن تي وڪرو ٿيندڙ پڪو شراب هوندو آهي. اجلاس دوران دلچسپ جملا به ٻڌڻ ۾ آيا، رعنا انصار سوال ڪيو ته گاڏين کي 420 نمبر جاري ڇو نه ڪيو ويندو آهي؟ صوبائي وزير مڪيشن ڪمار چاولا جواب ڏنو ته ماڻهو گاڏين لاءِ صورت خطي نمبر تي اعتراض ڪندا آهن. نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته ٿر ۾ چندر مهيش ۽ دليپ کي ڌاڙيلن ڏينهن ڏٺي قتل ڪيو، جنهن خلاف التوا واري رٿ منظور ڪئي وڃي، جنهن جي نثار کهڙو مخالفت ڪئي.

صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته ٿر ۾ قتل ٿيل ٻن ڀائرن واري معاملي کي هو پاڻ ڏسي رهيو آهي، قاتلن خلاف ڪارروائي ٿيندي، جنهن بعد اسپيڪر رٿ کي ضابطن خلاف قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ گاڏين جي فينسي نمبر پليٽن تي به سوال جواب ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *