Thursday , March 28 2024

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس:نثار کهڙي پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ مخالف ڌر کي وري ڳالهائڻ نه ڏنو

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران، سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو هڪ ڀيرو وري پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ واري معاملي تي مخالف ڌر جي ميمبر کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، خرم شير زمان چيو ته گندو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهو ڪئنسر جهڙي مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. نثار کهڙي چيو آهي ته پارليامينٽ کي گاريون ڏيندڙ ماڻهو ايوان مان بائيڪاٽ جون ڳالهيون پيا ڪن، پاڻيءَ وارو معاملو عدالت ۾ هئڻ سبب ان تي ايوان ۾ بحث نه ٿو ڪرائي سگهجي. سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جي ايم پي اي خرم شير زمان ڪراچي ۾ صاف پاڻي واري معاملي کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس صوبائي وزير نثار کهڙي سان جهڙپ ٿي.نثار کهڙي ،ايم پي اي سان مخاطب ٿيندي  چيو ته توهان ڪهڙي منهن سان صاف پاڻي جي فراهميءَ  واري معاملي تي ڳالهايو ٿا،توهان جي سربراهه عمران خان ته پارليامينٽ تي لعنتون وڌيون هيون، ان تي پي ٽي آئي ايم پي اي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو.

ان کان اڳ  ڳالهائيندي تعليم جي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته اها افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ڪراچي جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ نٿو پڙهايو وڃي،هنن اسڪولن ڏانهن پروفارما موڪليو آهي. ايم پي اي اويس قادر شاهه جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي تعليم جي وزير اعتراف ڪيو ته ڪراچي جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ اجلاس شروع ٿيو، جنهن ۾مخالف ڌر جي ميمبر نصرت سحر عباسي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ذريعي ڄاڻايو ته سنڌ يونيورسٽي جي مارئي هاسٽل ۾ ڇوڪرين جو تعداد وڌيڪ آهي، پر هاسٽل ۾ ڪمرن جي کوٽ آهي، جيڪا پوري ڪئي وڃي.تعليم جي وزير ڄام مهتاب جواب ڏيندي چيو ته هاسٽل جي ڪمرن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ حد جي ڊي سي سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

گٽرن جو گند مليل پاڻي، سنڌ ۽ گم ٿي ويل اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي..!!- اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *